ڀائيٽي پنهنجي پڦي کي ڏانئڻ قرار ڏئي ماري ڇڏيو !

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڀائيٽي پنهنجي پڦي کي ڏانئڻ قرار ڏئي کيس موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو جڏهن ته پوليس جوابدار گرفتار ڪري ورتو اهي.

واقعو رياست جهارکنڊ جي شهر رانچي ۾ پيش آيو جتي 55 ورهين جي عورت کي سندس ڀائيٽي ڏانئڻ قرار ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب جوابدار جي سانسي پنهنجي پڦي کي ڇرين جا وار ڪري لاش جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا جنهن بعد جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ ساڳئي علائقي ۾ ٽن عورتن کي ڏانئڻ قرار ڏئي امريو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.