ننڊ کوٽ جا سنگين نتيجا، طبي ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

ننڊ جي کوٽ سبب جسم جي اندران ڪمزور ٿيندو آهي ۽ مختلف بيمارين جو خطرو وڌي ويندو آهي.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ نئين طبي تحقيق سامهون آئي آهي.

ليڪهن اسڪول آف ميديسن جي تحقيق ۾ 14 صحتمند ماڻهن کي شامل ڪيو ويو جيڪي ننڊ جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا هئا.

انهن ماڻهن ۾ ٽريڪر ذريعي ننڊ جي معيار ۽ وقت جو جائزو ورتو ويو .

تحقيق دوران شروعاتي ڇهن هفتن تائين ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو ته سمورن ماڻهن جي ننڊ جو وقت ست کان اٺ ڪلاڪ هو( جنهن جو مشورو طبي ماهرن طرفان پڻ ڏنو ويندو آهي)

جنهن بعد وڌيڪ ڇهن هفتن تائين هر رات انهن ماڻهن جي ننڊ جي وقت کي نوي منٽن تائين گهٽايو ويو.

ٻنهي مرحلن جي پڄاڻي تي رضاڪارن جي رت جا نمونا گڏ ڪري مدافعتي خلين جي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو.

حاصل ٿيل نتيجن مان پتو پيو ته پهرين مرحلي ۾ ماڻهن منجهه ڪنهن قسم جي ناڪاري تبديلين نه آيون، پر ننڊ جو وقت گهٽ ٿيڻ تي مخصوص مدافعتي خلين جون سرگرميون وڌي ويون.

محققن ٻڌايو ته ننڊ جي کوٽ سبب مونوسائيٽ نالي مدافعتي خلين تي ناڪاري اثر پيا جنهن سبب جسم ۾ورم ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويو.

تحقيق ۾ اهو پڻ دريافت ڪيو ويو ته گهڻي عرصي تائين ننڊ جي کوٽ سان جينز جي فعلن تي ناڪاري اثر پوندا آهن.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان ڪنهن بيماري جي خطري جي تصديق ته نٿا ڪريون پر ورم ڦهلجڻ سان مختلف مرضن جو خطرو وڌي ويندو آهي ۽  ان ڏس ۾ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.