زيادتي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ تي ماءُ ۽ ڌيءُ دلبرداشته ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو

 

زيادتي جي رپورٽ داخل نه ڪرڻ تي ماءُ ۽ ڌيءُ دلبرداشته ٿي زهر پي آپگهات ڪري ڇڏيو.

ڀارتي رياست آنڌرا پرديش جي ضلعي الورو ۾ 12 سيپٽمبر تي عورت پنهنجي ننڍي ڌيءَ سان زيادتي جي رپورٽ داخل ڪرائڻ ٿاڻي وئي هئي، جتي موجود سب انسپيڪٽر ان جي ايف آءِ آر ته داخل نه ڪئي پر ان سان بدتميزي به ڪئي ۽ ٻيهر ٿاڻي نه اچڻ جو چيو.

ٻئي ماءُ ڌيءُ جيڪي اڳ ئي تڪليف ۾ هيون، پوليس جو اڍنگو رويو ڏسي وڌيڪ دلبرداشته ٿي ويون ۽ گهر پهچي ڪولڊ ڊرنڪ ۾ زهر ملائي زندگي جو انت آڻي ڇڏين.

هوڏانهن رپورٽ داخل نه ڪرڻ تي آپگهات جون خبرون سامهون اچڻ کانپوءِ ذميوار سب انسپيڪٽر کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.