”مفتاح اسماعيل کي هٽائي ن ليگ ساک بچائڻ جي ڪوشش ڪئي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ ) اسحاق ڊار جي واپسي ۽ ناڻي وزارت ڏيڻ کي  مفتاح اسماعيل جي قرباني ڪوٺي پئي وڃي.

ڊي ڊبليو موجب تنقيد ڪندڙن جي دعويٰ آهي ته ن ليگ مفتاح کي قرباني جو ٻڪر بڻايو ته جيئن پنهنجي ساک کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

تجزئي نگار جنرل(ر) غلام مصطفيٰ چيو ته اڃا شروعات اسحاق ڊار کان ٿي آهي پر وڌيڪ ڪجهه مائٽن کي عهدا ڏئي سگهجن ٿا، ن ليگ جي گذريل حڪومت ۾ به نوازشريف خاندان جا گهڻا فرد وزارتن ۾ ويٺل هئا، هن چيو ته ڊار جي دور ۾ به مصنوعي طريقي سان ڊالر جي قيمتن کي هيٺ رکيو ويو.

ن ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ دور ۾ ٿيندڙ مهانگائي جا رڪارڊ به ٽٽي ويا آهن، پي ٽي آءِ جي اقبال آفريدي چيو ته ڊار وٽ ڪا جادو جي لٺ ناهي جو پاڪستان جي معيشت کي بهتر ڪري سگهي، ڪجهه مبصرن جي راءِ آهي ته ڊار جي اچڻ کانپوءِ پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري ايندي، معاشي ماهرن موجب ان جو امڪان ناهي

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز اڱارو 2022-09-27 تي شائع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.