اسحاق ڊار 5 سالن جي جلاوطني ختم ڪري واپس ڏيهه پهچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۽ برطانيا جي دوري کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ڏيهه پهچي ويو، جڏهن ته 5 سالن کان جلاوطن ٿيل اڳوڻو ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار به وزيراعظم سان گڏ ڏيهه پهچي ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس وفد خاص جهاز ۾ لنڊن کان سڌو اسلام آباد پهتو، ڏيهه پهچڻ تي اسحاق ڊار چيو ته الله جي ڪرم سان واپس پنهنجي وطن اچي ويو آهي، منهنجي ڪوشش هوندي ته پاڪستان جنهن ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، ان مان ٻاهر ڪڍان.

نواز شريف ۽ وزيراعظم مون کي ناڻي واري وزير جي ذميواري ڏني آهي. 98 ۽ 2013ع ۾ به ملڪ کي معاشي بحران مان ٻاهر ڪڍيو هو.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز اڱارو 2022-09-27 تي شائع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.