عمران جي ڀيڻ عظميٰ خان جي ڪرپشن اسڪينڊل جو انڪشاف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي اسڪينڊل کانپوءِ سندس ٻي ڀيڻ عظميٰ جو اسڪينڊل منظر عام تيآيو آهي.

نامياري تجزيي نگار  گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته نامياري صحافي زاهد گشڪوري دستاويزي ثبوتن سان ٻڌايو آهي ته عمران خان جي ڀيڻ عظميٰ خان آگسٽ 2021ع ۾ عثمان بوزدار جي وڏ وزارت دوران گريٽر ٿل ڪئنال واري علائقي  ۾ 657 ايڪڙ زمين صرف 14 ڪروڙ رپين ۾ الاٽ ڪرائي آهي، جڏهن ته ان زمين جي اصل قيمت 70 ڪروڙ  رپيا ٻڌائي وڃي ٿي.

ان علائقي ۾ ايشين ڊيولپمينٽ  بئنڪ هڪ وڏي نهر تعمير ڪرڻ جي رٿابندي ڪري چڪي آهي، جنهن کانپوءِ ان زمين جي قيمت اڃان به وڌي ويندي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز اڱارو 2022-09-27 تي شائع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.