اليڪشن ڪميشن ۾ اسحاق ڊار جي نااهلي تي اوچتو شنوائي، معمول جي ڪارروائي يا پردي پٺيان گيم!

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  اليڪشن ڪميشن ۾ عين  ان وقت اسحاق ڊار جي نااهلي  ڪيس جي شنوائي هڪ ڀيرو ٻيهر مختلف خدشن کي جنم ڏنو آهي.

نامياري صحافي شاڪر سولنگي جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار جي واپسيءَ  بابت گهڻي وقت کان خبرون ميڊيا جي زينت بڻيل هيون آخرڪار  تازو لنڊن ۾ وزيراعظم شهباز شريف،  نواز شريف ۽ اسحاق  ڊار ۽ ٻين گڏيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته احتساب عدالت ڇاڪاڻ ته اسحاق ڊار  جا دائمي گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا آهن، ان ڪري هو وزيراعطم شهباز شريف سان گڏ وطن پهچي ناڻي واري وزارت ۽ سينيٽر طور حلف کڻي.

اسحاق ڊار لنڊن مان واپسيءَ لاءِ روانو ئي نه ٿيو ته اوچتو اليڪشن ڪميشن ۾ هڪ درخواست تي شنوائي ڪئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيل آهي ته جيڪو ميمبر هفتي اندر حلف نٿو کڻي اهو سيٽ کان محروم ٿي ويندو اهو آرڊيننس پي ٽي آءِ آندو هو، جنهن جي مدت 90 ڏينهن هوندي آهي ان کان پوءِ اهو عمل جوڳو نه رهندو آهي.

جڏهن ته ان حوالي سان پي ٽي آءِ ڪا قانون سازي به نه ڪري سگهي هئي، اهڙي درخواست تي اوچتو شنوائي ٿيڻ ۽ فيصلو محفوظ  ٿيڻ کي سياسي حلقا معنيٰ خيز قرار ڏئي رهيا آهن، ڇو ته  اسحاق ڊار جو ملڪ اچڻ معيشت جي بهتري لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو مفتاح اسماعيل به استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي.

اهو ياد رکڻ گهرجي ته اسحاق ڊار تي ماضيءَ  ۾ اسٽيبلشمينٽ کي خدشا رهيا آهن، ان ڪري سياسي حلقن کي خدشا آهن ته اها شنوائي معمول جي آهي يا پردي پٺيان ڪا وڏي گيم آهي، ڇو ته اسحاق ڊار جي واپسي نواز شريف جي واپسي لاءِ ٽيسٽ ڪيس قرار ڏني پئي وڃي، جڏنن ته معاشي حالتن جي بهتريءَ لاءِ به اسحاق ڊار جي واپسي  قومي ضرورت قرار ڏني پئي وڃي. ڏسجي ته اليڪشن ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو ڪهڙو ۽ ڪڏهن ٻڌائي ٿي في الحال ته خدشا ئي جنم وٺي رهيا آهن.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز اڱارو 2022-09-27 تي شائع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.