ڊالر کي ريورس گيئر لڳي وئي، رپئي جي مُلهه ۾ وڏي واڌ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڄ اوپن مارڪيٽ توڻي انٽر بئنڪ ۾ پاڪستاني رُپئي جي قدر ۾ بهتري رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 6 رُپيا 90 پئسا جڏهن ته انٽر بئنڪ ۾ 2 رُپيا 63 پئسا سستو ٿي ويو آهي.

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو مُلهه 6 رُپيا 90 پئسا گهٽجڻ بعد 237 رُپيا 50 پئسا آهي.

ٻئي پاسي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ٻه رُپيا 63 پئسا لاٿ کانپوءِ 237 رُپيا 2 پئسن جو ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.