واٽس ايپ ۾ هڪ نئون فيچر واهپيدارن لاءِ تيار

واٽس ايپ پاران مخالف ايپس سان مقابلي لاءِ هر مهيني نوان فيچر متعارف ڪيا ويندا آهن.

هن وقت به نون فيچرز تي تجربا جاري آهن.

هڪ نئون فيچر واهيپدارن لاءِ جلد تيار ڪيو ويندو جنهن جي مدد سان شخصيت جو اسٽيڪر ٺاهي سگهبو.

هڪ ويبسائيٽ موجب اينڊرائڊ ڊوائسز لاءِ ايپ جي بيٽا ورزن ۾ نئون فيچر وڌو ويو آهي.

ان فيچر جا اسڪرين شاٽس به شيئر ڪيا ويا آهن.

انهن اسٽيڪرز سان واهپيدار مختلف احساسن جو اظهار ڪري سگهندا ۽ کين واٽس ايپ ڊسپلي پڪچريا پروفائل پڪچر ۾ به استعمال ڪري سگهبو.

رپورٽ موجب اواتار اسٽيڪر لاءِ واٽس ايپ مينيو ۾ هڪ ٻيو فيچر متعارف ڪري سگهبو.

اهو سيڪشن اتي هوندو جتي واهپيدار ايموجيز، اسٽيڪر ۽ گف جي آپشن کي ڏسندا آهن.

گلحال فيچر بيٽا ورزن ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ان لاءِ متعارف ٿيڻ جي امڪاني تاريخن بابت ڄاڻ نٿي ملي سگهدي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.