ٽرانسجينڊر ايڪٽ ۾ ترميم وارو بل سينيٽ ۾ پيش

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته ٽرانسجينڊر ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان ڪيمٽي ۾ غور ڪيو پيو وڃي.

پارليامنٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٽرانسجينڊر وارو بل مارچ 2018ع ۾ پاس ڪيو ويو هو، جيڪو منهنجي چيئرمين ٿيڻ کان پهريان منظور ٿيو، هن چيو ته مشتاق احمد بل ۾ ترميمون پيش ڪيون آهن، جن بابت سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ غور ويچار ڪري رهي آهي.

هن چيو ته سينيٽ ڪو اهڙو ڪم نه ڪندي جيڪو اسلامي قانونن جي خلاف هجي.

سينيٽ چيئرمين چيو ته صلاح مشوري سان معاملو کي حل ڪنداسين، تنهنڪري معاملي کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي، ضرورت پئي تي عالمن ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل سان پڻ مشاورت ڪنداسين.

حڪومت پاران نامزد ناڻي واري وزير اسحاق ڊار بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسحاق ڊار جو مون سان ڪو رابطو ناهي ٿيو، هو ايندو، حلف کڻندو ته مونکي ڪو اعتراض ناهي.

ٻئي پاسي کدڙن فقيرن کي تحفظ بابت ٽرانسجيندڙ ايڪٽ ترميمي بل 2022ع پي ٽي آءِ سينيٽر فوزيه ارشد ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي سينيٽ چيئرمين لاڳاپيل اسٽيڊنگ ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو.

اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز چيو ته ٽرانسجينڊر ۽ جنس تبديل ڪرائڻ ٻه ڌار معاملا آهن، مان الله کان معافي گهران ٿو جڏهن اهو بل پاس ٿيو ته مان ايوان ۾ هئس، بل جي ٽن شقن تي بحث جاري آهي، حڪومت اهڙو ڪو ڪم نه ڪندي، جيڪو اسلام جي خلاف هوندو، بل جو مقصد کدڙن فقيرن جي حقن جو خيال رکڻ آهي، سڀني کي استدعا آهي ته بل تي سياست بدران رهنمائي ڪئي وڃي، جڏهن ته بل جي حوالي سان سڀني جون نيتون صاف آهن.

اجلاس دوران سينيٽر مشتاق احمد اعتراض واري نقطي تي چيو ته ٽرانسجينڊر بل کانپوءِ منهنجي خلاف پروپيگنڊا جاري آهي، ڪالهه به مون بابت اڻوڻندڙ ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته سمورا عالم متفق آهن ته اهو اسلام جي خلاف آهي، هن مطالبو ڪيوته بل ۾ سندس پيش ڪيل ترميمن تي غور ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.