پاڪستان کي ٻيهر بلنديءَ تي وٺي ويندس: اسحاق ڊار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) اسحاق ڊار چيو ته آهي ته پاڪستان کي ٻيهر بلندي تي وٺي ويندس جيئن نواز شريف جي دور ۾ هو.

اسحاق ڊار جي اڄ وطن واپسي ٿيندي ۽ هو جلد پنهنجو عهدو سنڀاليندو.

وزيراعظم اڄ لنڊن کان پاڪستان لاءِ روانو ٿيندواسحاق ڊار به ساڻس گڏ هوندو، ٻئي ڄڻا اڄ رات نائين وڳي واپس وطن ورندا، اسحاق ڊار سڀاڻي سينيٽر ۽ اربع ڏينهن ناڻي واري وزير طور عهدو سنڀاليندو.

لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته اسان نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ کي اهڙي پوزيشن تي آڻي بيهاريو هو جتي اسان دنيا جي 18 هين معيشت بڻائڻ وڃي رهياهئاسين، خدا مون کي توفيق ڏي ته جيئن پاڪستان ٻيهر ساڳي بلندي تي وٺي وڃون.

پنهنجي ڪيس جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته مون تي ٺاهيل ڪيس بي بنياد هو، مون تي ويهه سالن جو ٽئڪس جمع نه ڪرائڻ جو الزام مڙهيو ويو جڏهن ته مون ڪڏهن ويهه ڏينهن به ٽئڪس ڊيلي ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.