مرتضيٰ وهاب عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته ڪراچي شهر لاءِ جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، وڏيون وڏيون شاهراهون اسان ٺهرايون.

هن چيو ته جنهن ڪي ايم سي لاءِ چيو ويو ته اختيار ناهن پر ان ڪم ڪري ڏيکاريو، اسان شهر ۾ ڪو نئون ٽئڪس نه لڳايو، بس اها غلطي ڪئي جو پئسو پنهنجي کيسي ۾ نه وڌو پر شهر جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو سوچيو.

هن چيو ته ميونسپل ٽئڪس مصطفيٰ ڪمال ۽ وسيم اختر جي دور ۾ پڻ هو، مصطفيٰ ڪمال جي دور ۾ ٽئڪس ٻه سئو رُپين کان شروع ٿي پنج هزار رُپين تائين ويندو هو پر ڪراچي ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪم شايد ماڻهن کي نه پئي وڻيو.

مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته وسيم اختر جو دور جيڪو ميونسپل  ٽئڪس گڏ ٿيندو هو ته اهو هڪ پرائيويٽ ڪمپني ذريعي گڏ ٿيندو هو پر مون سوچيو ته ڇو نه اهو ڪنهن سرڪاري طريقي سان گڏ ڪيو وڃي ۽ وڏي مشڪل کانپوءِ ان ڪم لاءِ ڪي اليٽرڪ ۽ پنهنجي صوبائي حڪومت کي راضي ڪيو هو.

هن ٻڌايو ته اسان جو ڪي اليڪٽرڪ سان معاهدو ٿيو ته جيترو پئسو به ميونسپل ٽئڪس جي مد ۾ گڏ ٿيندو اهو اوهان اسان کي ڏيندئو پر شايد ماڻهن کي اها شيءَ پسند نه هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.