آءِ بي ۾ فيض حاصل ڪري آيلن وزيراعظم جي آڊيو رڪارڊ ڪئي !

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم شهباز شريف جي آڊيو ريڪارڊنگ ڪنهن ڪئي ۽ ڇو ليڪ ڪئي وارن  سوالن جو جواب تلاش ڪندي.

نامياري صحافي مبشر لقمان جو چوڻ آهي ته  وزيراعظم هائوس  ويندڙ  99 سيڪڙو ماڻهن کي موبائيل اندرکڻي وڃڻ نه ڏني ويندي آهي ، ان ڪري لينڊ لائين يا موبائيل فون ريڪارڊنگ جي سهوليت انٽيليجنس اداري آبي کي حاصل  آهي يا سيڪيورٽي  وارن وٽ ٿي سگهي ٿي.

عمران خان جنهن دور ۾ وزيراعظم هو  ان دور ۾ ڪيترائي ماڻهون  فيضياب  ٿيا ۽ خاص طور  آبي ۾ سپاهي کان ويندي انسپيڪٽر ۽ ٻين عهدن تي فائز ٿيا، انٽرنيٽ  اسلام آباد جي هڪ نجي ڪمپني  جي آهي  جنهن جو مالڪ  عمران خان جو اي ٽي ايم  به سمجهيو ويندو آهي.

اهو ئي سبب آهي ته  آڊيو ليڪ کان اڳ ئي فواد چوڌري اشارا ڏيڻ شروع ڪيا  هئا،  عمران خان جڏهن پي ايم هائوس ڇڏيو هو تڏهن ئي اهڙيون  رٿابنديون ڪري ويو هو، ان ڪري وزيراعظم هائوس کي محفوظ بڻائڻ لاءِ وزير اعظم کي اهم قدم کڻڻا پوندا ۽ ڪجهه ماڻهن جي قرباني ڏيڻي پوندي.

 

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز سومر 2022-09-26 تي شائع ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.