اٽي جي 65 رپيا في ڪلو تي عمل ڪير ڪرائيندو ؟

سنڌ سرڪار اٽي جي قيمت 65 رپيا ڪري غريب غربي جي لاءِ ويتر پريشاني وڌائي ڇڏي آھي.ھڪڙو تھ اسان وٽ اھو  رواج پيل آھي تھ بنا تياريءَ جي اعلان جاري ڪبا رھبا آھن،جنھن سان ميڊيا ۾ سرڪار جي واھ واھ تھ ٿي ويندي آھي پر ان تي عمل نھ ٿيڻ جي صورت ۾ ماڻھون ساڳي پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن.

حڪومت جو اٽي جي قيمت 65 رپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان بھ اھڙو ئي آھي،ھن وقت سموري سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ مھانگائي جو طوفان آيل آھي،ھر ڏينھن ڀاڄي بڪر توڻي سيڌي سامان جا اگھه وڌندا پيا وڃن،ڪجھھ ڏينھن اڳ حڪومت ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 ھزار رپيا مقرر ڪئي هئي. جنھن کانپوءِ مختلف ھنڌن تان اھي شڪايتون اچڻ لڳيون تھ سنڌ ۾ اٽي جو اگھھ  وڌي ويو آھي،مارڪيٽ ۾ اٽو ھڪ سئو جي اندر ڪٿي ڪٿي ھڪ 110 وڪرو ٿي رھيو ھو.ان وچ ۾ حڪومت اٽي جي سرڪاري قيمت  65 رپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ھڪڙو پاسو ھي سمجھھ ۾ اچي ٿو تھ حڪومت فلور ملز کي گھٽ اگھھ تي پھرين ڪڻڪ ڏيندي جيڪا پيسائي بعد اھو اٽو مقرر قيمت تي وڪرو ٿيندو.جنھن جي لاءِ اڳواٽ تياري ڪرڻ بعد ئي اھڙو اعلان ڪجي ھا تھ بھتر ھو.

حڪومت ڪيترا ئي اھڙا اعلان ڪندي آھي پر ان تي سري کان ڪٿي بھ عمل نھ ٿيندو آھي،جنھن جو ڪھڙو مقصد ٿي سگھي ٿو سا تھ ھڪڙي حڪومت کي خبر ٻي وري خدا کي خبر.پر ان سان عوام ۾ حڪمرانن بابت ڪا مثبت راءِ ناھي جڙندي.ھاڻوڪي اعلان تي عمل ٿيڻ پڻ ھڪ اھم ۽ بنيادي مامرو آھي.

ٻيو تھ سرڪار وٽ رڳو نالي ۾ ادارا آھن جيڪي اگھن تي ڪنٽرول جي لاءِ جوڙيل آھن پر حقيقت ھي آھي تھ ڪنھن ھڪ بھ شيءِ جي لاءِ مقرر ٿيل قيمت تي اھيءِ ادارا عمل نھ ڪرائي سگھيا آھن، تنھنڪري عوام سمجھي ٿو تھ ھاڻوڪو اعلان بھ سکڻو اعلان ئي آھي ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي.

جيڪڏھن سرڪار وقعي بھ عوام جي سار لھڻ جو اونو رکي ٿي تھ پوءِ مقرر ڪيل سرڪاري اگھھ تي عمل ڪرائي ڏيکاري باقي اھڙي اعلان سان گراھڪ ۽ دڪاندارن ۾ جھيڙن جھٽن جا تھ واقعا وڌندا پر ان سان عام ماڻھون کي ڪو فائدو نھ پھچندو.

اھا اسان جي معاشري جي بدقسمتي آھي تھ سمورن سرڪاري ادارن جو ڪم سرڪاري رفتار ۽ سرڪاري طور طريقي سان ھلندو آھي جنھن جو مطلب آھي تھ فلور ملز کي گھٽ اگھھ تي ملندڙ ڪڻڪ ۾ بھ فوڊ ڊپارٽمنٽ جو حصو پتي ھوندو آھي جنھن کي عرف عام ۾ رشوت چئجي ٿو سو اھڙي ڳالھھ ڪجي جيڪا دنيا جي باقي ماڻھن کي بھ سمجھھ ۾ اچي.ان ھوندي بھ اچو تھ اميد رکون تھ سرڪار اٽي جي مقرر ڪيل قيمت تي عمل ڪرائيندي جنھن سان عام ماڻھون کي بھ فائدو ٿيندو تھ وري سرڪار جي بھ ناچاري ٿيندي،…

عالمي عدالتي ڪانفرنس ۾ جسٽس فائز عيسيٰ جا اٿاريل سوال

اسلام آباد ۾ عالمي عدالتي ڪانفرنس ٿي آھي،جنھن ۾ ٻين ته ڪيترين ئي ڳالھين جو ذڪر ٿيو آھي، جن تي عمل ڪرڻ سان ئي ان جا نتيجا اچي سگھن ٿا.ڪانفرنس ۾ ڳالھايندڙن ۾ مانواري سينئر ترين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بھ ڪن بنيادي ۽ اھم سوالن کي اڀاريو آھي،جيڪي يقينن اھميت رکن ٿا.ٻن ڏينھن واري ھن ڪانفرنس ۾ عدالت جي سسٽم کي وڌيڪ بھتر ڪرڻ ۽ عوام کي رائج قانون مان فائدي ڏيڻ جي حوالي سان بھ ڪافي مفيد ڳالھيون ٿيون.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو سوال ھو تھ ٻارن جي قاتلن سان سوات ۾ ڳالھين جي اجازت ڪنھن ڏني ھئي، اھو يقينن اھم پاسو آھي جو ھن وقت ملڪ سياسي توڙي معاشي طور تي گھڻو ڳڻتي واري صورتحال مان گذري رھيو آھي،جيڪڏھن ھڪڙي قانون موجب انھن قوتن جي سياسي جماعت تي بندش وڌل آھي،جنھن جو سڌو مطلب تھ اسان انھن کي غيرقانوني سمجھون ٿا وري ملڪ جون ڪجھھ زوراور قوتون انھن سان ڳالھيون ڪن تھ اھو عجب جھڙو معاملو آھي،اھي ساڳيون ئي قوتون آھن جيڪي ملڪ جي معصوم شاگردن جي قتل واري عمل ۾ پڻ شامل ھيون.

جسٽس صاحب ان ڪانفرنس ۾ ڳالھائيندي اھو پڻ چيو آھي تھ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ججن، ڪامورن کي ڪارون ڏيڻ بند ڪن.اھا رقم سائيڪل جي خريداري، فوٽ پاٿن کي بھتر ڪرڻ ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي خرچ ڪئي وڃي، ڪٽبن جي منصوبه بندي تي ويچار پيش ڪندي جسٽس صاحب ذڪر ڪيو تھ ان کي اسان لاڳو نھ ڪيو جنھن ڪري  اڄ اسان جي آبادي بنگلاديش کان به وڌيڪ آهي.ڪانفرنس ۾ هن اھو بھ چيو ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي دنيا ڏانهن ڏسڻ بدران پاڻ کي عملي قدم کڻڻا پوندا.هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، بنيادي حقن ۾ سڀ کان اهم حق زندگي ۽ تعليم جي فراهمي جا آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ انهن ٻنهي حقن کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي.

اسان تي حملا ٿيندا رهيا آهن، ڪيترائي تعليمي ادارا تباهه ڪيا ويا، غيرت جي نالي تي عورتن جو قتل به هتي جو اھم مسئلو آهي، اسان جو عقيدو عورتن جي عزت جو درس ڏئي ٿو، قرآن ۾ به عورتن جي عزت جو حڪم ڏنل آهي، هن چيو ته آئين تحت عدليه تمام مقدس آهي، مان هڪ جج جي حيثيت سان نه پر هڪ مسلمان شهري جي حيثيت سان چوان ٿو تھ پاڻ سڳورن جي ڏنل تعليم تي عمل نه ڪرڻ سبب مسئلا  پيدا ٿين ٿا.

يقينن ھن حياتيءَ جا ٻيا بھ گھڻا ئي مسئلا  آھن جيڪي حل طلب آھن پر ملڪ جي سينئر ترين جسٽس جا اڀاريل سوال بھ تمام گھڻو اھم ۽ سنجيدھ آھن،جيڪڏھن انھن تي غور ڪري ۽ عمل جو رستو اختيار ڪجي تھ ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته اسان ڪافي حد تائين اڳيان ترقي ڪري سگھون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.