ٻڏندڙ پاڪستان ۾ خواجا سرائن جو خوف

محمد حنيف

دنيا جي وڏن وڏن  سائنسدانن راتين جو جاڳي ڪري تحقيق ڪئي  آھي ۽ پتو پيو آھي تھ پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ جي تباهي جي ذميوار گلوبل وارمنگ آهي،جنهن ۾ پاڪستان نه هئڻ برابر حصو وڌوآهي.

ماهر جو چوڻ آهي ته جن امير ملڪن جي ڪري اسان تي اھا تباھي آئي آهي اهي پاڪستان کي ھرجاڻو ڏين. انجلينا جولي پاڪستان جو دورو ڪري وئي آهي ۽ ان فرمايو  آهي ته سڄي دنيا جا تباهه حال علائقا ڏٺا آهن پر ھهڙي تباهي ناهي ڏٺي.

عمران خان ھر چوٿين ڏينھن امدادي رقم گڏ ڪرڻ لاءِ  ٽيليٿون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم آمريڪا پهچي عالمي ضمير جهنجهوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.جيڪو  به صحافي فيلڊ رپورٽنگ ڪري اچي ٿو، اھو بک، بيماري ۽ نا اميديءَ جي اھڙي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، جيڪا هن پنهنجي ڪيريئر ۾ اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي آهي.

اهڙي وقت ۾ جڏهن هن آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ اختلافن کي ھڪ پاسي رکي ڪري يڪسوئي سان مصيبت جي ماريلن جي  بحاليءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو پيو وڃي، اتي جماعت اسلامي جي هڪ سينيٽر کي ياد اچي ٿو تھ چار سال اڳ اسان جي پارليامينٽ خواجھ سرائن کي سمورن شھرين جي برابر جا حق ڏنا ھئا.اھا اسلام خلاف ھڪ سازش ۽ اسان جي مثالي خانداني نظام تي ھڪ حملو آهي.

(جي ھا ھي  اهو ساڳيو خانداني نظام آهي، جنهن ۾ خاندان تي لازم آھي تھ جيڪڏھن  گهر ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ جو گلو ڪپيو پيو وڃي يا ڊمبل سان ماريو پيو  وڃي تھ ڪو مداخلت نه ڪري  ڇو ته ان سان خاندان  بدنام ٿئي ٿي)

ٿي سگھي ٿو مون جيان توهان پڻ  ڪڏھن سينيٽر مشتاق صاحب جو نالو نه ٻڌو هجي، پر جماعت اسلامي جو نالو ضرور ٻڌو هوندو. جيڪڏهن توهان جماعت اسلامي جو نالو ناھي ٻڌو تھ  ان جي فلاحي تنظيم الخدمت جو نالو تازو آيل ٻوڏ دوران هر طرف گونجي رهيو آهي.

الخدمت جا ڪارڪن اتي اتي پهچي ماڻھن جي مدد ڪري  رهيا آهن ،جتي ٻيو ڪو به نٿو پھچي سگهي.ٻيڙن ۾ ماڻهن کي انھن جي گهرن مان ڪڍي رھيا آھن، انهن لاءِ  خيما، دوائون پهچائي رهيا آهن. ڪنهن جي مدد ڪرڻ کان پهريان ان جو مذهب يا فرقو نٿا پڇن.

توهان بھ اهي وڊيوز  ڏٺيون هونديون جن ۾ الخدمت جا رضاڪار جان جي پرواھ نھ ڪندي ٻلين ۽ ڪتن کي محفوظ هنڌن تي پھچائي رھيا آھن. مان ذاتي طور تي ڪيترن ئي اھڙن  ماڻهن کي سڃاڻان ٿو، جيڪي نظرياتي طور تي جماعت اسلامي جا مخالف آهن،  زندگيءَ ۾ ڪڏهن به جماعت اسلامي کي ووٽ ڏيڻ جو  سوچي بھ نٿا سگھن. پر ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ اهي چندو صرف جماعت اسلامي جي تنظيم الخدمت کي ڏيندا آهن.

اهي سڀ چڱا ۽ نيڪ ڪم ڏسي ڪيترائي دردمند  ماڻهو سوال ڪن ٿا ته ماڻهو جماعت اسلامي کي چندو ڏين ٿا پر ووٽ ڇو نٿا ڏين؟ان جو سڌو سنئون  جواب آهي سينيٽر مشتاق جهڙا ماڻهو ۽ انهن جي ذهنيت، جيڪا بقول ھڪ   خواجا سرا جي ھن  مصيبت جي وقت ۾ به خواجا سرائن جي سلوارن جي جھڙتي پئي ورتي وڃي.ڪير نه ٿو ڄاڻي ته خواجھ سرا ، شايد پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ ڌڪاريل طبقو آهي.

ڪيترن سالن کان پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ انھن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جاري آھي، پاڪستان  جا ڌڪاريل ماڻھون بھ ھنن کي  ڌتڪارين ٿا.

پاڪستاني مرد ان کان وڏي گار ٻي ناھن سمجھندا جي ڪو ھنن کي  کدڙو  يا خسرو سڏي. انهن جي قسمت ۾ اھو ئي ڏٺو ويو آهي ته اهي يا ته پنن يا نچن.

پنھنجي گھر وارن جون بھ گاريون سھن ۽ بازان ۾ بھ رسوا ٿين، اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪو پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪندڙ ڪو پڙهيل ڳڙهيل  جواجھ سرا نظر اچي وڃي تھ  اسان جون مشرقي روايتون خطري ۾ پئجي وڃن ٿيون.ان ڪري  چار سال اڳ جڏهن ٽين جنس جي ماڻھن کي  لڳ ڀڳ انسان مڃڻ وارو   قانون پاس ٿيو ته هڪ خوشگوار حيرت ٿي.ته جيڪڏهن اسان جا قانون ساز گڏجي ويهن ته اهي مظلومن جو  ڀلو بھ ڪري سگهن ٿا.

سينيٽر مشتاق صاحب قوم کي اهو ناھي  ٻڌايو  ته جڏھن کان اھو قانون پاس ٿيو آھي، اسان جي ملڪ ۾فحاشي ۽ عرياني ڪيتري وڌي آهي (جيڪڏهن ائين آهي ته سينيٽر ان جو مشاهدو ڪٿي ڪيو آهي)،انھن خواجا سرا ماڻھن ڪيترن ماڻھن جو شاديون ٽوڙايون آھن،ڪيترن پاڪباز  نوجوانن کي سڌي رستي کان گمراهه ڪيو ويو آهي. ۽ ڇا اسان جو ايمان، اسان جو ملڪ، اسان جو معاشرو ايترن  ڪمزور بنيادن تي بيٺو آهي جو خواجا سرائن کي انسان سمجھڻ سان ان جا بنياد لڏڻ لڳندا آھن.

جماعت اسلامي کي گھرجي جيڪڏھن اھا واقعي هن سماج کي سڌارڻ چاھي ٿي ۽ ڪجهه ووٽ بھ حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ته ٽي وي تي الخدمت جي ڪجھھ رضاڪارن کي موڪلي ۽ خواجا سرائن جا خواب ڏسندڙ سينيٽرن کي ڪجهه وقت لاءِ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ موڪلي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.