ڇا واقعي شھباز شريف جي حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي ويا ؟

حاڪم نصيراڻي

اسان جي بدقسمتي اها آھي جو صاف صاف ڳالهيون ٻڌڻ ۽ سڀ ڪجھه  ڏسڻ جي باوجود ڪنهن ماڻھو کي ڪا سزا نه ملي آھي. چوندا آھن قانون جو ڄار مڪڙي جي ڄار وانگر آھي جنهن ۾ مڇر ۽ مکيون ته ڦاسي سگهن ٿيون پر ڍڳن جا سڱ ان ڄار کي چيري ڦاڙي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا آھن. ائين ڪنهن به ليڪ جي جوابدار کي سزا ملندي نه ڏٺو ويو آھي شايد اهي وڏن سڱن وارا آھن؟هڪ دفعو ٻيهر ملڪ ۾ آڊيو ليڪس جي هڪ نئين قسط جاري ڪئي وئي آھي . وزيراعظم جي نئين آڊيو ليڪ خان صاحب جي ٽيم کي هڪ نئون موضوع ڏيئي ڇڏيو آھي ان سان گڏو گڏ اهو به سوال ويو اٿاريو آھي ته آخر اهو ڪهڙو طاقتور ڪردار آھي جيڪو چڱن ڀلن جا فون ٽيپ ڪري منظرعام تي آڻي ٿو؟

گهڻي وقت کان وٺي شيخ رشيد احمد جي ڀڀڪين وارا بيان نه پئي آيا سندس جاءِ تي هڪ ٻيو ماڻھو عمران خان جي وڪالت ڪندي نظر پئي آيو نه صرف اهو پر خان صاحب جي جلسن ۾ به ان ماڻھو کي ڏٺو ويو۔ ان سان گڏوگڏ اسٽبليشمنٽ سان ويجها لاڳاپا هجڻ ڪري ان ماڻھو خان صاحب جي راھ تان ڪنڊا ميڙڻ جي به ڪوشش ڪئي۔ ان شخصيت جو پنهنجو سياسي قدڪاٺ ايڏو وڏو ناهي پر فوجي پيءُ جو پٽ ھجڻ ۽ ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين جا ڏينهن جي ايڇ ڪيو ۾ گذارڻ ڪري فوج ۾ سندس اثر رسوخ کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي اهو ماڻھو آھي اعجاز الحق جيڪو صاحب ٽي وي تي اچي خان جي طرفداري ڪندي نه ٿو ٿڪجي.

اعجاز الحق جي ڪردار کان وڌيڪ ٻيون ڳالهيون آھن جن تي ڳالهائڻ وڌيڪ اهم آهي۔ صدر مملڪت جناب عارف علوي صاحب پنهنجي سر ڌڙ جي بازي لڳائي عمران خان کي هڪ دفعو ٻيهر اگهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر نيوٽرل رهڻ وارن اهو چيو ته هاڻي ڇڏيو اسين نيوٽرل ئي رهون. خبرون اهي به آيون ته خان صاحب پنهنجي وس آھر منٿون ڪيون ته ايم ڪيو ايم يا بعپ وارن کي چئو ته حڪومت جو ساٿ ڇڏن ته جئين شھباز شريف کي گهر موڪلي عام چونڊون ڪرايون وڃن پر نيوٽرل کيس جواب ڏيندي چيو ته اسان کي تنهنجي زبان تي بلڪل اعتبار  ناهي تون پهريان به اسان کي کوڙ خوار ڪيو آھي پنهنجي جلسن جلوسن ۾ بيهي جنهن قسم جا تو اعتراف ڪندي اسان تي الزام پئي هنيا انهن سان اسان جي عزت وڌڻ بدران گهٽ ٿي وئي ان ڪري اسان نه ٿا چاهيون ته ٻيون سياسي پارٽيون به اسان تي آڱريون کڻن. صورتحال جي سنگيني کي ڏسندي صدر صاحب سڀني سياسي پارٽين کي هڪ ميز تي ويهارڻ ۽ نئين چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري لاءِ  سڀني سياسي پارٽين سميت عمران خان سان صلاح مشوري جي ڳالھه  ڪري ڇڏي. نئين آرمي چيف جي مقرري تي عمران خان جي مشوري کي حڪومتي ڌر صفا ٿڏي ڇڏيو آھي.

هن وقت سياسي وايومنڊل جي تبديلي جو سڄو دارومدار اسلام آباد ۾ قائم ڪورٽن جي فيصلن سان ڳنڍيل آھي هڪ طرف توشه خانه جو محفوظ ڪيل فيصلو آھي ته ٻئي طرف عمران خان جي معافي جي قبوليت جو معاملو به وچ تي ٽنگيل آھي۔ گرمي جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحب جي ڪيل تقرير ۾ عقلمندن لاءِ  ڪافي اشارا موجود آھن۔ چيف جسٽس صاحب بنا ڪنهن رک رکاءُ جي سياستدانن کي اهو چيو ته سياسي معاملا عدالتن بدران وڃي پارليامنٽ ۾ حل ڪيو ته بهتر آھي۔ چيف جسٽس جي ان بيان ۽ عمران خان جي چيف آف آرمي اسٽاف جي مبينا ناڪام  ملاقات کان پوءِ  خان صاحب پارليامينٽ ڏانهن شرطيه انداز سان واپس ورڻ جي ڳالھه  ڪري ڇڏي آھي خان صاحب مطابق جيڪڏهن سائفر جي انڪوائري ڪئي وڃي ته هو ساٿين سميت پارليامنٽ ڏانهن واپس ورندو۔ اسان کي ياد آھي ته نواز شريف جي پوئين دور ۾ به خان صاحب ساٿين سميت پارليامنٽ مان استعيفائون ڏيئي وري واپس وري آيو هو ۽ پگهارون به ورتيون هيون. جئين ته بقول خان صاحب جي وڏا ليڊر هميشه يو ٽرن وٺندا آھن سو هن وقت سڀ کان وڌيڪ يو ٽرن خان صاحب ورتا آھن ان حساب سان پاڪستان جو سڀ کان وڏو ليڊر خان صاحب آھي جيڪو هر معاملي تي يوٽرن(UTRUN)وٺندو آيو آھي تازو تازو خان صاحب پنهنجي اسلام آباد وڃڻ واري فيصلي کي ڀرپور تياري سان ملتوي ڪري ڇڏيو.

عمران خان جي لانگ مارچ واري اعلان کان پوءِ  مرڪز ۽ صوبن ۾ انتظامي طور تي وڇوٽيون وڌي ويون۔ خيبر پختونخواه جي حڪومت مرڪزي حڪومت کي ٺپ جواب ڏيندي چيو ته اسان پاڻ امن و امان جي مسئلي کي منهن ڏيئي رهيا آھيون ان صورت ۾ اسلام آباد لاءِ  پنهنجي پوليس فورس نه ٿا ڏيئي سگهون۔ خيبر پختون خواه جي حڪومت کي خبر آھي ته جيڪڏهن خيبر پختون خواه جي پوليس مرڪز ۾ وئي ته سندس ڪارڪنن سان ڪهڙو حشر ٿيندو؟

پرويز خٽڪ صاحب ٽن ڏينهن ۾ حڪومت جي خاتمي جي ڳالھه  ڪري ڇڏي آھي ڏسجي ته سندس اڳڪٿي سچ ثابت ٿئي ٿي يا خٽڪ صاحب به پنهنجي بيان کان يوٽرن وٺي ٿو. هاڻي سوچڻ جهڙي ڳالھه  اها آھي ته بقول خٽڪ صاحب جي جيڪڏھن ٽن ڏينهن ۾ حڪومت  ختم ٿئي ٿي ته پوءِ  اسحاق ڊار ملڪ ڇو ٿو اچي؟ حڪومت اسحاق ڊار کي ان ڪري واپس آڻي پئي ته جئين ملڪي معيشت کي صحيح واٽ وٺائجي ڇو ته اسحاق ڊار اهو ماڻھو آھي جنهن پ پ پ جي دور ۾ تيل ۽ ڊالر جي وڌيل اگهن کي تمام گهٽ ڪيو هو سندس پاليسي تي عام ماڻھو کي تمام گهڻي سرهائي محسوس ٿي ڏسجي ته اسحاق ڊار پنهنجي ماضي کي دهرائيندي تيل ۽ ڊالر ۽ عام واهپي واري شين جي اگهن کي هيٺ آڻي سگهي ٿو يا شوڪت ترين ۽ مفتاح اسماعيل وانگر دنيا ۾ وڌندڙ مهانگائي جا مثال ڏيئي عوام کي بيزار ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.