دردوندن جي دانهن ڪير ورنائيندو

عبدالرحيم عباسي

ڊپٽي ڪمشنر خيرپور صاحب:- موجوده بارشن ۽ دريائي وهڪرن جو ٻوڏ سبب خيرپور ضلعي ۾ جيڪا قيامت هئي ۽ ھلي رهي آھي اها هڪ ڪاري تاريخ (اوهان جي پوسٽنگ کان اڳ) بڻجي چڪي آھي، اوهان هينئر خيرپور ضلعي جي ڪمانڊ آھيو ان ناتي ڏتڙيل بي يارومددگار اوهان ڏانهن نهاري رهيا آھن حڪومت سنڌ پاران گذريل ڪيترن ڏينهن کان سستي اٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آھي ته اٽو 65 روپيا ڪلو عوام کي مهيا ڪيو وڃي پر خيرپور شھر سميت سڀني تعلقن جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن جي دوڪانن تي اٽو 120 روپيا ڪلو هلي رهيو آھي.

صحافي ۽ سڄاڻ ڌريون منافعي خور مافيا خلاف پنهنجي حصي جي جنگ چوٽيون اچن ٿا ۽ اوهان جي ايوان تائين اهي خبرون ۽ دانهون گونجن پيون اوهان نوجوان ۽ باصلاحيت آھيو ۽ صرف آفيس تائين محدود ناهيو پوءِ ھي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آھي ته اٽو مقرر ڪيل سرڪاري اگھ تي ڇو نه پيو وڪرو ٿئي يا ته اوهان ڄاڻي واڻي ڪن لاٽار پيا ڪريو يا ته منافعي خور مافيا اڳيان اوهان به بيوس آھيو.

ڊي سي صاحب ڪرسي اچڻي وڃڻي آھي پر ڀلائيءَ وارا ڪم سونهري تاريخ بڻجي ويندا آھن ٿيڻ ته ائين کپي ته هر تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر مختيارڪار ۽ لاڳاپيل عملي کي حڪم جاري ڪيو ته منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري عوام کي سستي اٽي جي رليف مان فائدو حاصل ڪرايو ۽ مافيا خلاف ايڪشن کڻو ڏتڙيل عوام مسيحا جي انتظار ۾ آھي اوهان هن عوام جا حقيقي مسيحا بڻجي دردوندن جا ڀرجهلا ٿيو ۽ پنهنجي ڪرسيءَ جا پاڻ منصف ٿي ڪري تاريخ جي سونهري اکرن ۾ زنده جاويد رهو..؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.