مها ٻوڏون ۽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ 

رياض ابڙو 

هڪ عام تجزيي ۾ ڏسجي ته ڪنهن به غريب ماڻهو کي ڪا پئسن جي امداد ڏجي ته (گهڻي ڀاڱي) اهو سڀ کان پهرين انهن جي سيڙپ اهڙن هنڌن تي ڪندو جتان اهو پئسن سان پئسا ڪمائي سگهي، مثال رڳو گهر ۾ پئسا رکي اهو سمجهندو ته پئسا رکي رکي کپي ويندا ان ڪري انهن پئسن جي سيڙپ ڪري ڪو مال ڍڳو وٺجي، زرعي زمين ۾ ڪا بهتري آڻجي، ڪو چڱو ڪم ڪجي يا ڪو سيڌي سامان جو دوڪان يا ڪا مانڊڻي کولجي ان ڪري پئسن کي پئسا ڪمائن ته کائجي ۽ پئسو گهر ۾ رکبو ته پئسو کائي کپائي ڇڏبو، ان ڪري سيڙپ ڪجي، ته پوءِ ساڳي ڳالھه  حڪومت جي کوپڙي ۾ ڇو نه ٿي ويهي ته جيڪي پئسا هي انڪم سپورٽ جي مدَ ۾ ڏين ٿا اهي سيڙپ ڪري ماڻهن کي رزوگار ڇو نه ٿا ڏين يا صنعتي زون اڏن ۽ فيڪٽريون جوڙن ته جيئن پاڻ به ڪمائن ۽ ملڪ به پاڻ ڀرو ٿئي، گڏوگڏ ماڻهن مان به پنڻ جي عادت ختم ڪري سگهجي يا رڳو زائفن کي روڊن تي، بيئنڪن جي ٻاهران قطارون ٺهرائڻ ۾، بليڪ ميلنگ ڪرڻ ۾ يا ڊوائيس کڻي پنج پنج هزار ڪٽي غريب عورتن جا پئسا کائڻ ۾ پورا لڳا پيا آهن ڇو ته اهي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن انهن غريبن کي ائين پنائبو يا انهن جي دماغ ۾ اهو ويهاربو ته انهن جي فيملي جي ڪفالت حڪومت ائين ئي ڪري سگهي ٿي، ڪندي رهندي ته هو پاڻ کي هن سرڪار ۾ محفوظ سمجهندا ۽ سمجهندا ته هي سرڪار ڀلي آهي پوءِ ڀلي اهي ٻه ٻه هزار ڪري پنائي پنائي کارائي.

احساس پروگرام نالي پنائڻ جون اسڪيمون هلائي يا انڪم سپورٽ جي نالي تي قوم جي زائفن کي رلائي رلائي پنائي پنائي پئسا ڏئي، ڇو ته ان پينو پئسن جي نالي تي هن سرڪار (يا هر سرڪار) اها ڳالھه  به چيلينجنگ ڪري ڇڏي آهي ته جيڪي غريب طبقا پنهجن نياڻن کي در کان ٻاهر ناهن ڪڍندا اهي جي نياڻين کي پڙهائيندا ته اهي بي غيرت ٿي ويندا يا ماڻهو انهن کي سٺو نه سمجهندا پر اهي جي پنهنجن عورتن کي ٻن ٻن هزارن جي بهاني، انڪم سپورٽ جي آسري يا احساس پروگرام جي ڪري انهن کي درن کان ٻاهر ڪڍندا ته بي غيرت نه هوندا يا چاهن ٿا ته هو پاڻ نشي پتي، بيماري، ڪراڙپ جو بهانو ڪري گهر جي عورتن کي انهن بيڪار اسڪيمن تحت پنائن پر پنهنجن نياڻين کي ڪنهن به صورت پڙهائن نه، ان ڪري اهي ئي ماڻهو پاڻ ئي پنهنجي سر پنهنجي فيملي ۽ نياڻين يا گهر جي عورتن کي پنائن جنهن ۾ حڪومت کي ته بهانو کپي ان ڪري جو هنن وٽ به اهڙو مضبوط بهانو هجي جنهن ۾ هي سڄي دنيا کي چئي ۽ ڏيکاري سگهن ته پاڪستان مان غربت ناهي وئي، ماڻهو ته غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذارن ٿا، ان ڪري ته اهي سڀ اثر وري ڦري گهري ان معاشري تي به اچن ٿا ته جيڪي ماڻهو پيٽ پالڻ ۾ پورا آهن، پوءِ اهي انهن چند ڏوڪڙن مان پنهنجا پڪا گهر ٺهرائن يا پيٽ پالن ان ڪري ته انهن جا اهي ڪچا گهر پوءِ بارشن ۽ طوفانن جو ڌڪ جهلي نه ٿا سگهن، ان ڪري هڪ پاسي انڪم سپورٽ جا پئسا ته ٻئي پاسي وري ٻوڏن ۾ سندن اهڙن ڪچن گهرن جو لڙهي وڃڻ يا ٻوڏن کانپوءِ وري بيمارين جو اڀري اچڻ، ان ڪري ملڪ تڏهن سڌرندو جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي حالت پاڻ بدلائيندا اهي ماڻهو زندگي جا ڍنگ به سکندا.

20 صديءَ جي اڌ ۾ تائين وڏيون ٻوڏن اينديون رهيون ان ڪري ته ان وقت دريائي ٻوڏن تي ڪنٽرول نه هوندو هيو يا درياهه بادشاھ هوندو هيو جتي وڻيس اتي پائي، جيڪو وري انگريزن جي راڄ کانپوءِ پنهنجي بادشاهي وڃائي ويٺو جو وري 1971 ۾ بارشن جي پاڻي جي زور جي ڪري، فليش فلڊ جي ڪري يا وري زوردار بارشن جي ڪري بنگلاديش سميت اولهھ پاڪستان ۾ زبردست ٻوڏ آئي جنهن ۾ پنجن لکن کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا هيا، ۽ ان ٽائيم تي اهڙي مها ٻوڏ جي ڪري ماڻهو بي گهر الڳ ٿيا هيا، بيمارين الڳ سٽيا هيا، پر هلي هلي اهي ماڻهو ٻيهر آباد به ٿي ويا هيا جنهن ۾ دنيا جي ملڪن مدد به ڪئي هئي، ۽ ڊزاسٽرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 1958 ۾ پهريون دفعو اهڙا ادارا تشڪيل ڏنا ويا هيا جنهن ۾ هنن اهوطئي ڪيو هيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڪيئن ڏجي يا بارشن جي پاڻي کي ڪنٽرول ڪيئن ڪجي، دريائي پاڻي کي ڪيئن ضابطي ۾ آڻجي يا پاڻي مان ايندڙ خطرا، ڏچا، ٻوڏ جون تڪليفون، پاڻي جي سبب پيدا ٿيندڙ اهنج ۽ بيماريون، معاشي، سماجي ۽ سياسي مونجهارا، سماجي تڪليفون ۽ پاڻي کي رستن ڏيڻ جي سوچ ۽ سمجهھ به انهن مها ٻوڏن کانپوءِ ئي آئي، ان ڪري جو درياهي پاڻي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ انگريزن جي دور ۾ ڪينال، واهڙ، ڍورا، نديون، نالا ۽ رستا ليڪي زندگي ڪجھه  مڙئي آسان ڪئي وئي هئي ۽ ڪجھه  ڏهاڪا وري سامت ۾ گذريا، ڇو ته دريائي پاڻي سميت فليش فلڊ ۽ واڌرو پاڻي ڪچي ۽ پڪي جي ماڻهن جي زندگي جهنم نه بڻائي ڇڏي هئي.

ڪنهن سوشل ميڊيا جي هڪ سروي رپورٽ ۾ اهو پڙهيو ته جيڪي به ماڻهو ڪيمپن ۾ ترسيل آهن، جيڪي مجبور لاچار ماڻهو پنهنجن گهرن ڪِري پوڻ جي ڪري شهرن ڏي لڏي آيل آهن، انهن ۾ گھڻي ڀاڱي اڻ پڙهيل آهن ان ڪري تباھ ٿيندڙ گهرن ۾ گھڻو ريشو يا سڀ جا سڀ اهڙا غريب ماڻهو آهن جن جا گهر، ته ڪچا ٺهيل هيا، ڪنهن ڇپر ۽ منهن، ڇاپري نما گهرن ۾ رهندا هيا ان ڪري انهن جا اهي ڊهي پيل گهر ڪنهن به سيمينٽيڊ، لوهي پڃرن سان جڙيل نه هيا ، اهي ايترا پڪا، پختا نه هيا جيڪي اهڙي بارشن جي دٻَ يا ڌڪُ جهلي سگهن ها، ان ڪري جو شهرن جي گهرن کي ٿورو ٿڪو يا جزوي کڻي نقصان به پهتو هجي پر اهي ڪنهن به طرح ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جو سبب ناهن بڻيا، انهن امير ماڻهن جا نقصان ذري برابر به ناهن ٿيا، جي گھڻي ڀاڱي ٿيا آهن ته انهن اٻوجھه ۽ غريب ماڻهن جا ٿيا آهن جيڪي بنيادي طور مزدوري ڪرڻ وارا، هارپو ڪرڻ وارا، روز ڪمائي روز کائڻ وارا يا ان انڪم سپورٽ تي پلجندڙ غريب ماڻهو، ان ڪري انهن جي زندگي جي بنيادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته حڪومت ان تي ڌيان ڏئي، جيڪي ان فرسوده زرعي سيڪٽر مان، ان بيڪار ترين لائيف اسٽرڪچر مان ٻاهر اچن ۽ زندگي جا نوان ڍنگ سکي وٺن.

ان ڪري جو دنيا ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتي آهي، پر حڪومت انهن غريب ماڻهن جي بنيادي انفرا اسٽرڪچر کي تبديل ناهي ڪري سگهي يا نه ٿي ڪرڻ چاهي، يا اهي ماڻهو پاڻ تبديل ٿيڻ نه ٿا چاهن، ان ڪري ته صديون پراڻا ڳوٺ اڃان تائين ڳوٺ ئي رهجي ويا آهن، انهن ۾ زندگي تبديل ناهي ٿي، اهي ڪنهن به ماڊرن اسپتال کان وٺي جديد طرز جي تعليم سان مستفيض ناهن ٿي سگهيا يا پيئڻ جي صاف پاڻي کان وٺي صنعتي زون واري ترقي يافتا زندگي ناهن گذاري سگهيا، ان ڪري اهي اڃان تائين ذات پات جي وڪڙن ۾ ڦاٿل آهن اهي پاڻ کي هروڀرو ڏوهي ٿا سمجهن، سمجهن ٿا ته غربت سندن مقدر آهي، اهي ماڻهو غريب ان ڪري به آهن جو اهي ڏوهي ۽ گنهگار آهن ۽ ڌڻيءَ جي انهن غريبن سان نه پئي جيڪي ڪيپمن ۾ ترسيل آهن ۽ ڪسمپرسي واري زندگي گذارن ٿا، اهي اڃان تائين فيملي پلاننگ کان وانجهيل آهن، گھڻي آڪهه آهي وارا ماڻهو، مزدوري ڪري گذارو ڪرڻ وارا، زمينن تي هارپو ڪرڻ وارا، روز ڪمائي ڪرڻ وارا، ان ڪري انهن ماڻهن ۾ ڪو به سرڪاري ملازم، انسپيڪٽر، پروفيسر، وڪيل يا جج ناهي جيڪو ڳنڍ مٿي تي رکي پاڻي مان لڙهندو اچي يا ڪڇ تي ٻار رکي پاڻي مان پار پوندڙ عورت ڪا فلاسافر ناهي پر اهي سڀ ڏتڙيل، اٻوجهھ، ستايل، پٺ تي پيل، بيڏوها ماڻهو آهن جن کي موسمون سدائين ستائينديون رهن ٿيون.

ٻوڏ متاثرن جي نالي دنيا جي سڀني ملڪن مدد ته ڪئي پر اتي پي پي ۽ پي ٽي آءِ ته پنڻ جو مقابلو به رکيو جيئن عمران خان ٽي وي شو جي ذريعي ڪروڙين روپيا جمع ڪيا ته بلاول ڀٽو زرداري وري اربين روپيا جمع ڪيا پر فائدو ماڻهن تائين نه پهتو يا اتي ٻين ملڪن به مدد ڪئي جنهن جو ڪاٿو ڪروڙين ڊالر چئي سگهجي ٿو (اها رڳو ڪاغذي امداد هئي) جنهن ۾ ڊاڪٽر نشتر فائونڊيشن، آسٽريلين سرڪار ۽ ويلاگرن جي امداد، چائينا، آمريڪا، ڪيناڊا، پاڪستان نيشنل ڪمپني، يورپي يونين، هاسٽن بزنس، پاڪستان باڪسر، ريڊ ڪراس سوشل آرگينائيزيشن، يو اي اِي، سعودي، ترڪي، ايران ۽ مخير حضرات جو ڪاٿو الڳ جن لکين ڪروڙين روپيا ڏنا، ڏک اهو ته اهي حڪومتي ڪارندا اهي امدادون ضايع ڪري ڇڏيندا، جنهن مان ڪا ڪم جي ڳالھه  نه ڪندا يا پي ٽي آءِ وانگر ٽرڪين ۾ رڳو سکڻيون پاڻي جون بوتلون رکي، ٽرڪ جي پوئين حصي ۾ سامان رکي فوٽو سيشن ڪرائي انهن علائقن ڏانهن ڌڪي موڪلي ڇڏيندا ته جيئن ميڊيا ۽ ماڻهو ڏسن ۽ سوشل ميڊيا تي هڻ هڻان لائي ڏين ته واهه سائين پي ٽي آءِ وارن جي ته بلي بلي آهي، پر حقيقت وري ڪجھه  ٻي آهي، ان ڪري هي وارو آهي ته حڪومت ڪجھه  ڪري ۽ اهڙا مثالي ڪم ڪري ڏيکاري جنهن ۾ عام ۽ غريب ماڻهو جي زندگي سنوارجي وڃي ۽ اهي هڪ نئين زندگي گذارن جنهن ۾ سڀ بنيادي سهولتون هجن جيڪي هر ماڻهو جي بنيادي ضرورتن ۽ اڻ ڳڻين خواهشن ۾ شامل هجن.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.