ڪوٽڙي ۾ويٺل متاثرن کي ٽينٽ نه مليا،بيماريون وڌڻ لڳيون

ڪوٽڙي (ن ع آ) سنڌ جي متاثر ماروئڙن لاء مرڪز بڻيل گلشن شهباز سميت مختلف هنڌن تي ويٺل ٻوڏ متاثرين پنجويھ ڏينهن گذرڻ باوجود واهر ڪرڻ ۾ ناڪام وئي جڏهن تہ ضلعي انتظاميا رجسٽريشن ڪرڻ وارو عمل بہ مڪمل نہ ڪري سگهي ڪيترائي ئي خاندان بغير ٽينٽ جي پڌري پٽ تي ويٺل آهن جڏهن تہ سندن مڪمل واهر ٿيڻ بجاء نالي ماتر سهولتون ڏنيون ويون آهن جيڪي متاثرين جا اهنج گهٽائي نٿيون سگهن جڏهن تہ بک اڃ ۽ پڌري پٽ تي ويهڻ سبب بيمارين ۾ وڪڙجڻ لڳا ضلعي انتظاميا طرفان باظابطا ڪئمپن جو احتمام ناهي ڪيو ويو ڪئمپن ۾ رهندڙ متاثرين جو چوڻ آهي تہ مسلسل روڊن تي ويهڻ سبب وقت تي کاڌ خوراڪ نہ ملڻ  ۽ موسم تبديل ٿيڻ سبب ٻارڙن عورتن توڙي مردن ۾ بيماريون وڌي رهيون آهن هنن چيو تہ الھه تلهھ وڃائي پهتا آهيون پر حڪومت واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن مطالبو ڪيو ته حڪومتي سطح تي وارثي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ته جيئن ٻهر زندگي جو چرخو هلائي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.