جيڪب آباد لڳ برسات متاثرن کي راشن نه ڏنو ويو، کليل آسمان هيٺ ويٺل

جيڪب آباد ( ڊر ) جيڪب آباد ڀرسان ڳڙھي چنڊ ڳوٺ گلشير ڪڙوڪاڻي جو برسات متاثرين اڪبر علي گورشاڻي جو  پريس ڪلب اڳيان احتجاج صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ اڃان تائين 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل آھي اسان کي نه راشن مليو آھي نه ئي ٽينٽ مليا آھن اسانجي ڳوٺ ۾ 40 گھر آھن کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھيون پر اڃان تائين ڪو چونڊيل نمائيندو يا ڪوئي ڪامورو ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد يا مختيار ڪار عباس سڌايو سميت پ ڪو پڇڻ لاء ڪونه آيو آھي وڏيرن ڀوتارن جي بنگلن تي وڃونٿا ته اسانکي ڌڪا ڏيئي بنگلن کان ڪڍي ڇڏين ٿا ايندڙ اليڪشن ۾ اسان ھنن کان به حساب وٺنداسين اسين ڊي سي محمد يوسف شيخ کان مطالبو ٿا ڪيون ٿا ته اسان کي راشن ٽينٽ ڏيئي اسان جي ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.