ٽنُڊو غلام حيدر لڳ پراڻي دشمني تان نوجوان ڪهاڙيون هڻي قتل

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ باگو خان کوکر ۾ پراڻي دشمني تان 30 ورهين جو نوجوان  غلام مصطفيٰ کوکر پٽ امين کوکر تي جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا ويا،اطلاع بعد حد جي مويا پوليس ۽ مقتول جا وارث واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال پهچايو،جتان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ٽنڊومحمد خان هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان نوجوان غلام مصطفي کوکر جو لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.هوڏانهن مويا ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر عاشق علي لاشاري ٻڌايو تہ مقتول کي قتل ڪرڻ کانپوءِ جوابدار ڪهاڙي سميت فرار ٿي ويو آهي واقعو پراڻي دشمني لڳي ٿو وڌيڪ جاچ ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني ويندي.ٻئي پاسي مقتول جي وارثن چيو تہ جوابدارن اسان جي نوجوان کي ڪهاڙين جا وار ڪري کيس بيدردي سان قتل ڪري ظلم ڪيو آهي هنن ايس ايس پي ٽنڊومحمد خان کان مطالبو ڪندي چيو تہ نوجوان غلام مصطفي کوکر جي خون سان انصاف ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو ويو،جڏهن تہ آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو بہ ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.