شهدادپور ۾ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو

شهدادپور  (  ن ع آ ) شهدادپور جي واپڊا روڊ  جي گلشن اعظم ٽائون ۾  چار ڏينهن اڳ ٻارن جي ڳالھ تي چانڊين ۽  لنجواڻين  برادرين ۾ ٿيل جيهڙي  ۾ زخمي ٿيل  نوجوان ٻه ٻارن جو پيء لياقت چانڊيو زخمن جا سور نه سهندي سمس اسپتال شھدادپور۾  فوت ٿئي ويو آھي  فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مڙه وارثن حوالي  ڪيو ويو نوجوان ڳڀرو جو لاش گهر پچھڻ  تي گهر ۾ گھرام  مچي ويو  مقتول جي والد مالهي خان چانڊيو جي فرياد  تي چئين جوابدارن   ڄام خان عرف باغ  لنجواڻي نظام لنجواڻي  محمد خان لنجواڻي  علي حيدر لنجواڻي خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو  ن سلسلي ۾ مقتول جي پيء مالهي خان چانڊيو ۽ چاچي  دلبر چانڊيو  سمس اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم دوران  صحافين  کي ٻڌايو ته چار ڏينهن اڳ ٻارن جي معاملي تان  لنجواڻين لٺين ڪهاڙين سان  حملو ڪري اسان جي ڳڀرو کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.