ميھڙ جي سپريو بند تي ويٺل ھزارين  ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿي، احتجاج

ميھڙ  ( س ر ) ميھڙ جي سپريو بند تي ويٺل ھزارين  ٻوڏ متاثرين جي واھر  نه ٿي سگھي 25 ڏينھن گذرڻ باوجود ڪو به چونڊيل نمائندو توڙي  ضلع سرڪار واھر لاءِ نه پھتا سپريو بند واري علائقي ۾ اچانڪ ٻوڏ جو پاڻي اچڻ سبب 25 ڏينھن گذرڻ بعد پئسا ۽ سھولتون نه ھجڻ ڪري ھزارين ماڻھو محفوظ جڳهھ تي منتقل نه ٿي سگھيا اھي ماڻھو سپريو بند تي محصور بڻجي ويا آھن رستا نه ھجڻ سبب سپريو بند تي ويٺل ماڻھن جي حالت ڏينھون ڏينھون خراب ٿي رھي آھي سپريو بند جي آس پاس وارن ڳوٺن جا ماڻھو جيڪي سپريو بند تي ويٺل آھن انھن جو کاڌ خوراڪ ختم ٿيڻ شروع ٿي ويو آھي سپريو بند تي کلي آسمان ھيٺ ويٺل ماڻھن ڏي ٻيڙين ذريعي ماڻھو توڙي سماجي ادارا پھچي سندن مدد ڪري رھيا آھن،ھنن گھر ڪئي ته علائقي مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائي اسان جون زندگيون بچايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.