ڪوٽڙي ۾سهولتون نه ملڻ خلاف ايس يو پي پاران تحريڪ جو اعلان

ڪوٽڙي (ت ر) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ميونسپل ڪاميٽي ٻولھاڙي  جي اڳواڻن پاران ڪوٽڙي ۾ ويٺل ٻوڏ متاثرن کي نظر انداز ڪرڻ ‘ سائٽ  ڪوٽڙي ۾ پاڻي جي شديد ڪلت ۽ بلاول ميڊيڪل ڪالج اسپتال ڪوٽڙي ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ ڪوٽڙي جي بنيادي مسئلن جي حل لائي تحريڪ ھلائڻ ھلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، اھڙو اعلان ايس يو پي ايم سي ڪوٽڙي جي اڳواڻن اميربخش جھتيال ‘ مير بليدي حافظ مٺل چانڊيو ممتاز سومرو ‘ خالد ڀٽي لياقت چوھاڻ نبي بخش مستوئي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ھنن چيو تـ برساتن ۾ سنڌ سميت سائٽ ڪوٽڙي جا بـ ڪيترا ئي غريب طبقي جا گھر متاثر ٿيا آھن پر افسوس جو سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا انھن کي مڪمل طور نظر انداز ڪري رھي آھي توڙي جو ٻاھرين ملڪن کڻ ڪروڙين روپين جو فنڊ ملڻ باوجود اھو متاثر عوام کي ڏيڻ بجائي حڪمران پنھنجا بنگلا ڀري رھيا آھن، ھنن وزير اعظم  وڏي وزير کان پڻ مطالبو ڪيو تـ سمورن معاملن جو نوٽس وٺي علائقي جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن نـ تي ٻي صورت ۾ ھڪ مضبوط ۽ منظم  احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي جنھن جي پھرين مرحلي ۾ 30 تاريخ تي ريلي ڪڍي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو جنھن بعد معاملا حل نـ ٿيڻ جي صورت ۾ اسين ھائي ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.