ڏوڪري جي مختلف علائقن جا برسات متاثر بي يارو مددگار بڻيل

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري جي يونين ڪائونسل ڳجهڙ  جا سوين برسات متاثر ڳوٺاڻا بي يارو مددگار بڻيل آهن، چونڊيل نمائندا توڙي ڪامورا حڪومتي ڌر جي ماڻهن کي امداد ڏئي رهيا آهن پ پ مخالف سوين ڳوٺن جا ماڻهو بي يارو مددگار آهن سندن ڪو به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي چونڊيل نمائندا توڙي سنڌ سرڪار ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري، اسسٽنٽ مختيار ۽ ٻيا ڪامورا نوٽيس وٺڻ بجاءِ کين ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪري پنھنجون اکيون سبي ڇڏيون آهن ڪنهن به سندن سار نه لڌي آهي امدادي سامان ٽينٽ ۽ راشن يوسي سطح تي پ پ جي ڪائونسلرن تعلقي عهديدارن ضلعي اڳواڻن کي ڏنو وڃي ٿو ان موقعي تي ڳوٺ محمد ڇٽل ابڙو محمد پريل ابڙو نور آباد فقير محمد جوڻيجو ڳجهڙ دريا خان مگريو ڌڻي بخش کوکر بدل سمون فيض محمد کوکر بابل خان جروار  نوحاڻي  منڌرا ملنگ بروهي ۽ ڳوٺن جي ڳوٺاڻن فدا حسين ابڙو روشن علي سانگهرو هدايت ﷲ ابڙو شاهنواز ڪلهوڙو پيرل ڪلھوڙو، غلام ياسين ابڙو  احتجاج ڪندي  چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري کي نظر انداز ڪري ڇڏڻ جا الزام لڳائيندي دانهيون آهي ته اسان ڳوٺاڻن وٽ ھينئر تائين ڪو به آفيسر واهر لاءِ لڙي نه آيو آهي اسان جا ڳوٺ برسات ۾ مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن  اسان جا ٻچا بکن ۾ بيحال آهن. چيف جسٽس نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.