ملير ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف تحريڪ انصاف جي سڏ تي احتجاج

ملير(ڊ.ر) پاڪستان تحريڪ انصاف گڏاپ ٽائون پاران وڌندڙ مهانگائي خلاف پي ٽي آءِ ڪراچي جنرل سيڪريٽري سيف الرحمان، ڊپٽي  جنرل سيڪريٽري جان شير جوڻيجو، گڏاپ ٽائون جو صدر حاجي حفيظ جوکيو، جنرل سيڪريٽري عمير شاهد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مظاهري ۾ شريڪ ڪارڪنن پاران وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي وئي، احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن سيف الرحمان، جان شير جوڻيجو، حاجي حفيظ جوکيو، عمير شاهد ۽ ٻين چيو ته   عمران خان تي مهانگائي جو الزام هڻندڙن پاڻ ٻيڻي مهانگائي ڪري ڇڏي آهي غريب عوام اٽي جي چڪي ۾ پسجي رهيو آهي، نااهل حڪمرانن جي پاليسي سبب غريب مسڪين ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن، سنڌ کي هٿ وٺي ڪري ٻوڙايو ويو آهي،هنن چيو ته امپورٽڊ حڪومت هٿ وٺي مهانگائي ڪري غريب ماڻهن کان هڪ وقت جي ماني جو ڳڀو ڦري ورتو آهي، هنن چيو ته مهانگائي خلاف احتجاج ڪندڙ ن ليگ، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ سندن حمائتي موجوده امپورٽڊ حڪومت پاران ڪيل مهانگائي تي خاموش تماشائي بڻيل آهن،اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ هٿ سان ڪٽ هڻي سڄي سنڌ کي ٻوڙيو ويو آهي، غريب ماڻهو روڊن رستن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن ٻوڏ متاثرين لاءِ آيل امداد به نه ورهائي وئي آهي، متاثرين سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ چونڊيل نمائندن توڙي وزيرن جو گهيراءِ ڪري رهيا آهن، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ مهنگائي جو خاتمو عمران خان آڻي سگهي ٿو عمران خان ملڪ جو واحد ليڊر آهي جيڪو غريبن جو همدرد آهي ايندڙ اليڪشن ۾ عوام عمران خان کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندي ۽ مخالفن جي ضمانت ضبط ٿي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.