پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران مريم اورنگزيب جو گھيرو، گار گند

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي لنڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ڪارڪنن گھيري ۾آڻي الزام تراشي ڪئي ۽ گٿا لفظ به ڳالهايا.

مريم اورنگزيب ماربل آرچ تي هڪ ڪافي شاپ ۾ ڪافي وٺڻ لاءِ رکي ته ان دوران پي ٽي آءِ ڪارڪن اچي ويا ۽ ساڻس غيرمناسب رويو اختيار ڪيو.

پي ٽي آءِ جي عورتن ڪافي شاپ ۾ مريم اورنگزيب تي چور هجڻ جا الزام به هنيا، ان دوران مرد ڪارڪن به موجود هئا.

عورتن الزام هنيا ته مريم اورنگزيب پاڪستاني عوام جا پئسا لنڊن ۾ اڏائي رهي آهي، احتجاج ڪندڙ مريم اورنگزيب سان گڏوگڏ هلندا رهيا، پر مريم اورنگزيب کين ڪو جواب نه ڏنو ۽ چپ چاپ مڪرندي رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.