بابر ۽ رضوان جي جوڙي هڪ ٻيو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اوپنرن بابر اعظم ۽ محمد رضوان هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو.

بابر ۽ رضوان جي جوڙي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ ٻه هزار رنسون ٺاهيندڙ پهرين جوڙي بڻجي وئي.

پاڪستاني اوپننگ پيئر اهو ڪارنامو انگلينڊ خلاف چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ انجام ڏنو.

بابر ۽ رضوان هيل تائين ڀائيواري ۾ 2043 رنسون ٺاهي چڪا آهن، ٻنهي ۾ ففٽي يا ان کان وڌيڪ جي پارٽنرشپ 14 ڀيرا ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.