مفتاح اسماعيل جي موڪلاڻي، اسحاق ڊار ناڻي وارو وزير نامزد

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ن ليگ قائد نواز شريف کي پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪري ڇڏي.

ن ليگ قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ لنڊن ۾ پارٽي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ قومي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.

ترجمان موجب اجلاس ۾ مفتاح اسماعيل پنهنجي استعيفيٰ نواز شريف کي پيش ڪئي ۽ چيو ته وزارت توهان جي امانت هئي، توهان ئي وزير بڻايو هو.

هن چيو ته مان 4 مهينن ۾ پنهنجي ڀرپور صلاحيت سان ڪم ڪيو،پارٽي ۽ ملڪ سان وفاداري نڀائي.

نواز شريف ڏکين حالتن ۾ ذميواريون نڀائڻ تي مفتاح اسماعيل جي ڪوششن کي ساراهيو.

ترجمان موجب نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف اسحاق ڊار کي وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو.

اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اڳوڻي حڪومت معاشي تباهي جي باهه لڳائي، جيڪا موجوده حڪومت کي وسائڻي پئي.

ذريعن موجب مفتاح اسماعيل چيو ته سومر تي پاڪستان پهچي ناڻي واري وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندس.

You might also like
1 Comment
  1. علي بروھي / Ali Brohi says

    ”مفتاح اسماعيل جي موڪلاڻي، اسحاق ڊار ناڻي وارو وزير نامزد“ انا لله وَ انا اليه راجعون!!! رب پاڪ شال مفتاح اسمٰعيل کي سندس اعمالن جو پورو پورو اجورو عطا ڪريس آمين.ثم آمين.
    انگريزئَ ۾ انهئَ کي چوندا آھن! ”چئيج آف گاردس“ ھاڻي وري اهو وڏو نامي گرامي ڪاٽڪو واپس آڻي ملڪ لاءِ وري نئين مصيبت شروع! هي پهريائين اچي سينيٽرشپ جو حلف کڻي پنهنجي پگھار وارا ڪروڙين روپيا وصول ڪرڻ بعد خوب عيش ڪري پنهنجي ميمڻياڻي زوجه جي هنج ۾ آرام ڪندو ۽ پوءِ اچي وزير خزانه وارو ڪوڙو قسم کڻي ملڪ جي خزاني کي ٻيھر ٻهارو ڏيئي وري پکي پرديسي ٿي ڪري واپس آقا جي وطن جا وڻ وسائيندو، الا الا خير سلا ”ٽ“ ٺوڙھو ڪميت گھوڙو اھو ٿو وڃي کيسي مان واپسي واري ٽڪيٽ ڪڍي ….. هل پنهل ….

Leave A Reply

Your email address will not be published.