وڊيو: ڳئون جو اي ٽي ايم مشين تي قبضو، شهري پريشان

 

ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي ريوا نالي هڪ ڳوٺ جي اي ٽي ايم مشين تي ڳئون قبضو ڄمائي ورتو، جنهن سبب ماڻهن جو اتي وڃڻ ڏکيو ٿي ويو.

سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ ڳئون اي ٽي ايم مشين جي بوٿ ۾ مزي سان ويٺي آهي، جڏهن ته شهري گندگيءَ سبب پريشان نظر اچي رهيا آهن.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ شهري مشين مان پئسا ڪڍندي رڳو هڪ هٿ جو استعمال ڪري رهيو آهي، ڇو ته ٻئي هٿ سان هو نَڪ کي ڪپڙي سان ڍڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

وائرل وڊيو تي ماڻهن انتظاميا تي تنقيد ڪئي آهي، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن دلچسپ تبصرا ڪيا ته ڳئون اي سي جي ڪري اي ٽي ايم جو رُخ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.