اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي، نواز شريف اهم هدايت ڪري ڇڏي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ ئي پاڪستان ايندو.

لنڊن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ن ليگ قائد نواز شريف جي سليمان شهباز جي رهائشگاهه تي ملاقات ٿي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي.

ٻن ڏينهن جي ڊگهي مشاورت کانپوءِ فيصلو ٿيو ته اسحاق ڊار وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ ئي پاڪستان روانو ٿيندو، هو اڱاري تي ناڻي واري وزير طور حلف کڻندو.

ملاقات ۾ نواز شريف صلاح ڏني ته اسحاق ڊار کي پاڪستان وڃڻو ئي آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ وڃي.

واضح رهي ته اربع ڏينهن اسحاق ڊار جي پاڪستان روانگي جي ٽڪيٽ ڪنفرم هئي پر هاڻ نواز شريف جي هدايت تي هو وزيراعظم سان گڏ ئي موٽندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.