نومبر واري تبديلي آئين موجب هوندي: فضل الرحمان

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نومبر واري تبديلي آئين موجب هوندي.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پاناما ذريعي سياسي ۽ عمران خان ذريعي معاشي عدم استحڪام آندو ويو ته اسان مهانگائي خلاف مارچ ڪيو، اسحاق ڊار واپس اچي رهيو آهي ته جيئن اسان موجوده معاشي صورتحال مان نڪري سگهون.

هن چيو ته اندر ۾ غلام ۽ ٻاهران آزادي جي ڳالهه ڪرڻ منافقت آهي، هيءَ حڪومت گهٽ وقت لاءِ آهي، نومبر واري تبديلي آئين موجب هوندي.

سندس چوڻ هو ته اسان جي رياستي سطح جي پاليسين ۾ ڪمزوريون رهيون آهن، ساڍن ٽن سالن جون خرابيون ساڍن ٽن مهينن ۾ ٺيڪ نه ٿينديون.

مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ ٽرانسجينڊر بابت ترميم تيار ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.