”عمران خان ڳچي پڪڙڻ کانپوءِ پيرين پوندو آ“

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان جي عادت آ اڳ ۾ ڳچي پڪڙيندو آ پوءِ پيرين پوندو آهي.

فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪنديa طلال چوڌري چيو ته عمران خان حڪومت مان نڪتو ته چيائين آمريڪا سازش ڪئي، پوءِ هن آمريڪي اهلڪارن سان ملاقاتون ۽ گاڏيون وٺڻ شروع ڪيون، عمران خان قوم سان ڪوڙ ڳالهايو.

هن چيو ته مريم نواز جي گفتگو ۾ ميرٽ جي ڳالهه ٿي، وزيراعظم هائوس کي ڪير نشانو بڻائي رهيو آهي؟ ڇا اها خلائي باقيات آهي، جنهن عمران خان کي اقتدار ڏياريو.

سندس چوڻ هو ته مريم نواز جو ناٺي مٽي مائٽي کان اڳ ئي وڏو بزنس مين آهي، جاچ سان خبر پوندي ته ڳالهه کي ٽوڙيو مروڙو ويو، جاچ ضرور ٿيڻ گهرجي، اهو پاڪستان جي سلامتي جو معاملو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.