”مين ني پايل هي ڇنڪائي“ جو ري ميڪ، نيها ڪڪڙ ستياناس ڪري ڇڏيو

مشهور ڀارتي ڳائڻي فالگوني پاٺڪ پنهنجي گاني مين ني پايل هي ڇنڪائي جي ري ميڪ تي نيها ڪڪڙ خلاف ڪيس ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب فالگوني پاٺڪ هڪ انٽرويو ۾ نيها ڪڪڙ کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو، هن چيو ته سندس گاني جو ريميڪ ڪري گاني جو ستياناس ڪيو ويو آهي، هوءَ سندن خلاف ڪيس ڪرڻ چاهي ٿي پر مسئلو اهو آهي جو کيس گاني جا رائٽس ناهن.

هن ٻڌايو ته هن گاني مان وڏو محبت ميڙي نه رڳو ملڪ ۾ پر پرڏيهه ۾ به گاني شهرت حاصل ڪئي هئي.

ٻئي پاسي نيها کانسواءِ پريانڪ شرما ۽ ڌانشوري کي مرڪزي ڪردار ڏنو ويو آهي جڏهن ته گاني جي ري ميٽنگ لاءِ مشهور تانشڪ پغچي ڪمپوز ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.