انسانن زمين کان ٻاهر به هزارين ڪلو گرام جو ڪچرو پکيڙي ڇڏيو

هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انسانن مريخ گرهه تي قدم رکندي گذريل پنجاهه سالن ۾ اٽڪل ست هزار ڪلو گرام کان وڌيڪ وزني ڪچرو پکيڙي ڇڏيو.

هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مريخ ويندڙ مشنز کان پهرين ۽ بعد جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ ثابت ٿيو آهي ته مشنز سبب ست هزار ڪلو گرام کان وڌيڪ ڍير پکڙجو آهي.

ان ڍير ۾ ڪاربارڊويئر، غير فعال ۽ اسپيس ڪرافٽ جيڪي مريخ جي سطح تي تباهه ٿيا انهن جو ڍير اتي پيو آهي.

ماهرن موجب نه رڳو زمين آلوده ٿي آهي پر کين ڊپ آهي ته جلد ڪائنات متاثر ٿيندي ۽ ان سان کين نمونن جو جائزو وٺڻ ۾ به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو.

گرهه تي ڪچرو مجبوريءَ ۾ پکڙجو ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري شين جي حفاظت لاءِ ضايع ڪيو ويو هو، مريخ تي روور ڪچري جون تصويرون ڪڍيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.