آڊيو ليڪ، شيخ رشيد حڪومت تي ڏمرجي پيو

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اسرائيل سان لاڳاپا ۽ ڀارت سان واپار جو مثال وزيراعظم شهباز شريف جي آڊيو ليڪ ۾ سامهون اچي ويو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته شريف خاندان ڀارت مان بنا ڪليئرنس پنهنجي شگر ملن لاءِ انجنيئر گهرائيندو آهي.

هن چيو ته سياسي ويڙهه ڊگهي ٿي ته غريب جون حالتون وڌيڪ ڳنڀير ٿي وينديون، سياستدان عام ماڻهو جو مسئلو نه پيو سمجهي، رڳو ميڊيا ميڊيا کيڏي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته حالتن جي گهرجن کي ڏسي ن ليگ به چونڊ مهم لاءِ نڪري رهي آهي، سيپٽمبر ستمگر آهي، آڪٽوبر ۾ اهم فيصلا ٿي ويندا.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته معاشي حالتون ايتريون ڳنڀير آهن جو ڪو سڏ نه ڏئي ته به ماڻهو روڊن تي نڪري ايندا، انا ۽ ضد کي ڇڏي صاف شفاف چونڊن جو فيصلو ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.