آفريقي شهر مان ڀولڙن جا ٽي ٻچڙا اغوا، ڀُنگ طور وڏي رقم جي گهر

ٻهراڙين ۾ ته چوپائي مالي کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ انهن جي واپسي لاءِ ڀُنگ گهرڻ عام ڳالهه هوندي آهي پر گهٽ ۾ گهٽ هن وقت تائين ڪنهن جهنگلي جانور کي اغوا ڪري ان جي آزادي لاءِ ڀنگ گهرڻ جو واقعو پيش ناهي آيو.

آفريڪي ملڪ جي ڪانگو شهر ۾ قائم جانورن جي پناهه گاهه مان ڀولڙن جا ٽي ٻچا اغوا ٿي ويا آهن جنهن جي آزادي جي لاءِ وڏي رقم ڀُنگ طور گهري وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب جانورن جي پناهه گاهه ۾ پنج چمپينزيز جا ٻچا موجود هئا جن مان ٽن ٻچن کي اغوا ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻه ٻچڙا اغوا ڪندڙن جي خوف کان رنڌڻي ۾ لڪي ويا هئا جنهن جي ڪري اهي بچي ويا.

جانورن جي پناهه گاهه جي مالڪ موجب کيس هڪ وڊيو ۽ ٽي آڊيو پيغام مليا آهن جنهن ۾ اغوا ڪندڙن جو چوڻ آهي ته انهن منهنجي ٻارن کي اغوا ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو هو پر منهنجا ٻار ملڪ ۾ نه آيا جنهن جي ڪري اغوا ڪندڙ چمپينزيز جي ٻچن کي اغوا ڪيو آهي ۽ هاڻي اهي انهن جي آزادي لاءِ وڏو ڀُنگ گهريو آهي.

اغوا ڪندڙ جانورن جي پناهه گاهه جي مالڪ کي ڌمڪيون ڏنيون آهن جيڪڏهن کين پئسا نه مليا ته اهي ڀولڙن جي ٻچن کي نشو ڏيڻ سميت ٻيو نقصان پهچائيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.