ڪينيڊا ۾ انڌاري ۽ طوفان سان مينهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو

اوتاوا(ويب ڊيسڪ)ڪينيڊا جي اڀرندي علائقي ۾ انڌاري ۽ طوفان سان گڏ مينهن جي ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته لکين گهر بجلي کان محروم ٿي ويا آهن.

طوفان في اونا کان نووا اسڪاٽيا، پرنس ايڊورڊ آئي لينڊ، نيوبرسوِڪ، نيوفائونڊ لينڊ ۽ ڪيوبيڪ جا ميگ ڊالين آئي لنڊز متاثر ٿيا آهن.

ڪجهه علائقن ۾ انڌاري جي رفتار سئو ڪلوميٽر في ڪلاڪ هئي جنهن جي ڪري ڪيترائي وڻ پاڙئون پٽجي ويا ۽ گهرن جي ڇتن توڙي ڪاروباري علائقن ۾ دڪانن کي نقصان پهتو.

ڪيترن ئي جاين تي ماڻهن کي گهر خالي ڪرڻ جون به هدايتون ڏنيون ويون. ساحلي علائقي ۾ هڪ عورت جي گم ٿيڻ جي به تصديق ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.