آريان خان سوشل ميڊيا تي ٻيهر وائرل

بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جو پٽ آريان خان هڪ طيرو ٻيهر ميڊيا جي توجه جو مرڪز بڻيل آهي.

آريان خان ممبئي ڪروز شپ منشيات ڪيس ۾ ڦاسڻ کانپوءِ ڪنهن نه ڪنهن ملڪي، پرڏيهي ۽ سوشل ميڊيا جي توجه جو مرڪز بڻيل هوندو آهي.

گذيل ڏينهن سوشل ميڊيا جي مختلف پيجز تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته آريان خان اڇي رنگ جي گاڏيءَ ۾ چنڪي پانڊي جي سالگرا تقريب ۾ وڃي رهيو آهي.

ان وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته آريان خان گاڏي بيهاري گهڻي دير سنجيده نظر اچي ٿو ۽ سندس چهري تي ٿوري به مرڪ ناهي.

آريان خان جي ان وڊيو تي واهپيدارن دلچسپ تبصرن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو جنهن ۾ هڪ واهپيدار لکيو ته آريان شايد سوچي رهيو آهي ته پاپا جي چوڻ تي هو پارٽي تي ته وڃي ٿو پر ڪٿي پاڻي ٻيهر کيس ڦاسائي نه وجهي.

هڪ واهپيدار لکيو ته آريان خان رڳو ڪاوڙ ڇو نظر ايندو آهي.

واضح رهي ته شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان ۽ چنڪي پانڊي جي ڌيءُ اننيا ۾ ننڍپڻ کان سٺي دوستي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.