ملڪ ۾ ڊينگي جا وار جاري، ڪراچي ۾ وڌيڪ ٻه ماڻهو فوت

ڪراچي ۾ ڊينگي ختم ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي، گذريل چوويهه ڪلاڪن ۾ موتمار وبا سبب ٻه ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويا.

سڄي ملڪ ۾ ڊينگي جا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، سنڌ ۾ ڊينگي سبب ٽي سو پنجٽيهه ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، جنهن ۾ ٻه سو ستونجاهه جو تعلق ڪراچي سان آهي.

ڪي پي ڪي ۾ به ڊينگي جا وار جاري آهن، ڊينگي سان هڪ ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويو جڏهن ته وڌيڪ ٻه سو اڻهٺ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، وبا جو شڪار هڪ سو پنجهتر ماڻهن جو تعلق پشاور سان آهي.

ٻي پاسي پنجاب ۾ به ڊينگي سان وڌيڪ ٻه سو ڇويهه ليسز رپورٽ ٿيا آهن، پنجاب حڪومت ڊينگي جي مريضن جي سهولت لاءِ هيلٿ ڪارڊ تي ڊينگي جي علاج جو اعلان ڪيو آهي.

صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو آهي ته ڊينگي جي مريضن جي سهولت خاطر سڄي صوبي ۾ وڌيڪ اسپتالن کي هيلٿ ڪارڊ سسٽم ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.