گلوبل وارمنگ روڪڻ لاءِ علائقائي ۽ عالمي ڪوشش جي ضرورت

سموري دنيا ۾ ھن وقت ڪووڊ واري وبا بعد معاشي بحران ڪر کنيو آھي،جنھن سان گڏوگڏ روس يوڪرين جي جنگ سان ٻھ اھم اسمن جي بھ دنيا ۾ وڏي پئماني تي کوٽ پيدا ٿي رھي آھي،جنھن ۾ ھڪ ڪڻڪ ۽ ٻيو گئس آھي،دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي روس ۽ يوڪرين مان ڪڻڪ ۽ گئس فراھم ڪئي ويندي ھئي.جنھن جو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي وڏو اثر پئجي رھيو آھي.جنھن ڪري ئي ھڪ ڀيرو ٻيھر مھانگائي وڌي رھي آھي،غريب غربو اڃان وڌيڪ بي حال ٿي رھيو آھي.

پاڪستان ۾ ھاڻوڪي برسات ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيل تباھي ھن ٽين دنيا جي اڳي ئي معاشي طور بي حال ملڪ جي اقصادي سرگرمين تي منفي اثر وجھندو.ڇاڪاڻ جو ھن وقت تازين ٻوڏن سبب ملڪ جو وڏي حصو ٻڏڻ سان گڏوگڏ ماڻھن جا اجھا،ملڪيتون،جانور توڻي ٻي بھ جيڪا ڪجھھ جمع پونجي ھئي اھا بھ ختم ٿي وئي آھي.

ملڪ ۾ ٻوڏ بعد مختلف ملڪي مقامي ۽ عالمي ادارا ٿيل نقصانن جي ڪاٿي لڳائڻ جي ڪوشش ڪري انگ اکر گڏ ڪري رھيا آھن،تازو ئي ھڪ وڏن ادارن ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ۽ انٽرنل ڊسپليسمينٽ مانيٽرنگ سينٽر پاران ان سلسلي ۾ ھڪ جاري ڪيل رپورٽ موجب 2010ع کان 2021ع جي وچ ۾ ايشيا ۽ پئسفڪ ۾ قدرتي آفتن سبب 22 ڪروڙ 50 لک ماڻهو بي گهر ٿيا.انهن انگن اکرن ۾ پاڪستان ۾ آيل ٻوڏن سبب بي گهر ٿيل ماڻهن جو تعداد شامل ڪيل نھ آهي.

اها حقيقت آهي تھ سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديليءَ سبب گرمي پد تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ سائنسدان ان بابت ٻڌائيندا بھ رهيا آهن.عالمي برادري هڪ ڊگهي عرصي کان ڪوشش ڪري رهي آهي گلوبل وارمنگ جو سبب بڻجندڙ  ملڪن توڻي ڌرين کي ان تي قائل ڪجي ۽ان جي  لاءِ فوري، منظم ۽ موثر قدمن کڻجن تھ جيئن ڌرتيءَ کي موسمي تبديلين جي تباهي کان بچائي سگهجي.

موسم هميشه تبديل ٿيندي رهي آهي پر انساني سرگرمين جي ڪري زمين هن وقت  تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي. دنيا موسمياتي تبديليءَ جي دور مان گذري رهي آهي، دنيا جو گرمي پد 1.2 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي،انساني سرگرمين ،تيل، گئس ۽ ڪوئلي جو استعمال ان جا وڏا سبب آھن.

موسمياتي تبديلي ۽ تيز رفتار سان شهري آبادي جي واڌ بھ ان جا اھم سبب چيا وڃن ٿا.

جيڪڏھن ھنگامي بنيادن تي ان تي ڪا روڪ نھ اچي سگھي تھ  مستقبل ۾ انسانن جي وڌيڪ بي گهر ٿيڻ جو خطرو موجود رھندو.انهن خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اھو ضروري آھي تھ عالمي ۽ علائقائي سطح تي عمل جوڳي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ۽ دنيا ۾ گرمي پد وڌڻ جي سبب بڻجندڙ عملن کي روڪڻ جي لاءِ جوڳا ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن.ٻي صورت ۾ سمورن انسانن جي رھڻ جي قابل ھن واحد حصي تي حضرت انسان جي لاءِ حياتي ويتر وڌيڪ خطري واري بڻجندي ويندي.

 

ٻوڏ متاثرن ۾ وڌندڙ  ساھ جي بيماري

سنڌ ۾ ھن وقت بھ پناھ گير ڪئمپن ۾ رھيل ماڻھون مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن.ٻئي پاسي گذريل 24 ڪلاڪن کان سرڪار طبي ڪئمپون لڳائي رھي آھي.

صوبي ۾ بيمارين جي پکڙجڻ جو خطرو اڃا به موجود آهي،صوبائي صحت کاتي موجب  صوبي ۾ قائم ڪيل طبي ڪئمپن ۾ 71 هزار 398 ماڻهو علاج لاءِ آيا، جن ۾ اڪثر يت پاڻي سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين ۾ ورتل  آهن، اھو پاڻي ٻوڏن کانپوءِ به اڃان تائين بيٺل آهي.صوبائي صحت کاتي جي انگن اکرن موجب علاج لاءِ آيل هزارين ماڻهن مان سڀ کان وڌيڪ ماڻهو ساھ  جي شديد تڪليفتن ۾ مبتلا هئا، جن جو انگ 13 هزار 989 آھي، 12 هزار 777 ماڻهن کي دستن ۽ 13 هزار 672 ماڻهن چمڙيءَ جي بيماري هئي، 8 هزار 515 ماڻھن ۾مليريا جو خدشو ظاهر ٿيو، جڏهن ته 415 ۾ مليريا ۽ 33 ۾ ڊينگي جي تصديق ٿي، 22 هزار 413 ماڻهو ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا ھئا، پهرين جولاءِ کان هن وقت تائين ڪل 3 لک متاثرن کي طبي امداد ڏني وئي.

سنڌ ۾ مٿين علائقن ۽ بلوچستان جي جابلو علائقن کان آيل ٻوڏ سبب ھن وقت سموري سنڌ ۾ صحت جو بحران پيدا ٿي ويو، جنهن ۾ هزارين بي گهر ماڻهن ۾ ڊينگي ۽ پاڻي پيدا ٿيندڙ بيماريون شامل آهن.دادو سول اسپتال جي سرجن ڊاڪٽر موجب گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ضلعي مان 5 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو اسپتال ۾ آيا آهن.

ٻئي طرف نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) چيو آهي ته ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ سبب وڌيڪ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ جون جي وچ کان هينئر تائين فوتين جو انگ 6 لک 66 هزار ٿي ويو آهي.نيشنل فلڊ رسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) پنهنجي روزاني اپڊيٽ ۾ چيو آهي ته ٻوڏ کان سخت متاثر ٿيندڙ ضلعن ۾ قمبر، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، خيرپور، دادو، نوشهروفيروز، ٺٽو ۽ بدين وڌيڪ متاثر ٿيلن ۾شامل آهن..اھا بھ دلچسپ صورتحال آھي تھ صحت کاتي ميڊيڪل ڪئمپن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ پنجاب کان ڊاڪٽرن کي طلب ڪري ورتو آھي،جڏھن تھ خود سنڌ جي صحت کاتي جا سوين ڊاڪٽر ڊيوٽي کان آجا آھن،ھيڏي وڏي ھنگامي صورتحال ھوندي سنڌ سرڪار صحت کاتي جي انھن ڊاڪٽرن خلاف ڪو بھ قدم کڻڻ کان نٽائي رھي آھي.

مجموعي صورتحال اھو ٻڌائي ٿي تھ ھن وقت ھر گذرندڙ ڏينھن سان گڏ ٻوڏ ۽ برسات سببب انتھائي ڏکي صورتحال ۾ گھاريندڙ ماڻھون غريب ماڻھون ھاڻي بيماري جو شڪار ٿي رھيا آھن،جنھن ڪري سنڌ سرڪا ر ۽ مقامي سول سوسائٽي کي ان طرف جوڳو ڌيان ڌرڻ گھرجي جئين اسين ھن مصيبت جي گھڙين ۾ انھن لکين ماڻھن کي بچائي سگھون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.