صحت جي ايمرجنسي باوجود ٻگهاڻ جو صحت مرڪز لاتعلق بڻيل

الياس سمون

رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ جيڪو سامونڊي پٽيءَ جي لکين ماڻھن لاءِ صحت جو واحد مرڪز آهي جنهن ڏانهن ڪيٽي بندر جوهو جھالو ٻگھاڻ ٻاٻيو کاروڇاڻ خليفا اداسي ڌانڌاري سڄڻ واري ڳاڙهو سميت سمورن علائقن جا ماڻهو علاج خاطر هتي ايندا آهن. رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ تعلقي ڪيٽي بندر جي مين شھر ٻگھاڻ۾ ھئڻ ڪري سموري سامونڊي پٽيءَ جا رھواسي ھتي علاج لاءِ اچن ٿا پر افسوس جو ھن سينٽر تي سرڪار سڳوري جو صرف ھڪ ڊاڪٽر موجود آهي جيڪو پڻ مرضيءَ جو مالڪ آهي اچي ٿو يا نٿو اچي کائنس ڪير به پڇڻ وارو ناهي

رورل ھليٿ سينٽر ٻگھاڻ گذريل5 سالن  10 مھين کان سنڌ سرڪار طرفان ھڪ نجي اين جي اوز مرف کي ٺيڪي تي ڏنل آهي مرف گذريل پنج سال 10 مھينن ۾ مڪمل اسٽآف به مقرر ناهي ڪري سگهيو، باقي سال جا ٻارنهن مهينا ئي دوائن جو بحران رھي ٿو. دوائون نه ھجڻ ڪري ڊاڪٽر۽ مريضن۾ جھڙا روز جو معمول بڻيل آهي سوين غريب ماڻهو مجبوري خاطر ھن سينٽر تي اچڻ ٿا پر سينٽر تي ڪجهه به ناهي خالي پرچي ۽ انٽري کان سواءِ ھن وقت برساتن ۽ ٻوڏ سبب ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي پر مرف انتظاميا تي ڪو به فرق ناهي .

رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ کي 2015 ۾ ھڪ نجي اين جي اوز ملٽيسر انٽر نيشنل سورنھن لکن جي ماليت سان 3ڪلو واٽ جو سولر سسٽم لڳائي ڏنو جنھن جون بيٽريون ۽ سولر ھڪ سال اندر سينٽر تان چوري ٿي ويا انتظاميه فارميلٽي پوري ڪرڻ لاءِ صرف نامعلوم ماڻھن تي اين سي داخل ڪرائي خاموش ٿي وئي. 36سولر پينل 4 بيٽريون پنکا موٽر سميت سمورو سامان چوري ٿي ويو پر ڪجهه ڪونه ٿيو.

رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ ۾ پيئڻ جو پاڻي ڪا به سهولت موجود ناھي ۽ بجلي جو ڪنيڪشن به ناھي جنھن سبب ايڪسري مشين سميت سموريون مشينون زنگجي خراب ٿي ويون آهن  ڪجهه وري سامان اسٽاف جي پرائيويٽ اسپتالن تي کڻي ويا آهن.رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ ۾ سرڪاري ملازم جون خالي پيل پوسٽون ،ھڪ پوسٽ ڊپٽي ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ ،ھڪ پوسٽ چيف ھيومن ميڊيڪل آفيسر ، ھڪ پوسٽ ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ، ھڪ پوسٽ تعلقه ھيلٿ آفيسر،  ھڪ پوسٽ اکين جي ڊاڪٽر جي، سينيئر ميڊيڪل آفيسرن جون پڻ 4 پوسٽون خالي پيل آهن ،ھڪ ڊينٽل سرجن جي پوسٽ خالي پيل آھي،ميڊيڪل آفيسرن جون 4 پوسٽون خالي پيل آهن ، ھڪ پوسٽ ھيلٿ ٽيڪنيشن جي خالي پيل آھي، ھڪ پوسٽ مڊ وائيف جي پڻ خالي پيل آھي ، ھڪ پوسٽ ايڪسري ٽيڪنيشن جي خالي پيل آھي ، ھڪ ڊائيور جي پوسٽ پڻ خالي پيل آھي.

رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ۾ ھڪ عدد ناڪاره ايمبولينس سروس موجود آهي جيڪا ايمرجنسي دوران اسٽارٽ به نٿي ٿئي ڪنھن به قسم سان ڪا به سروس نٿي ڏئي سگھي ايمرجنسي بنيادن تي ڪو حادثو پيش آيو يان ڪو جهڙو ٿيو ت پرائيويٽ ٽيڪسي ڪرڻي ٿي پوي ھيڏي ساري آبادي ھيلٿ سينٽر پر ايمبولينس سروس ناهي رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ تي ھڪ به ليڊي ڊاڪٽر موجود ناهي. ايندڙ فيميل مريضن لاءِ مسئلو بڻيل آهي

رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ جي ھر روز او پي ڊي ٻه سئو جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي پر دوائون ڪنھن به قسم جون ناھين ملنديون ايندڙ مريض اسٽاف کي گھڻيون ڳالھيون ٻڌايو وڃن ٿا. پر مرف انتظاميا کي ڪير به نٿو چوي ته ھي ڪھڙو ظلم آهي پوري جي پوري بجيٽ ھڙپ ٿئي ٿي ھزارين ماڻھو شڪايتون ڪن ٿا ايم پي اي ايم اين اي ڊي سي ٺٽو اڳيان پر ڪو به داد نه پيو ٿئي.

رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ ھن وقت علائقي واسين کي ڪنهن به قسم جي سھولت مھيسر نه پيو ڪري صرف معمولي اسٽاف موجود آهي باقي ڪجهه ناھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.