ٻوڏ جي صورتحال ۾ قومپرست قيادت ڪٿي آهي؟

محبوب عباسي

جيتوڻيڪ سڄي  سنڌ جي ساڃاهه، عوام کي اهو مهڻو ڏيندي رهندي آئي آهي ته پ پ کي ووٽ ڪرڻ جي خاطر هي ڪيتو لوڙيو پيو وڃي، هڪ خيال سان جيڪڏهن 50 سيڪڙو ماڻهن ۾ اهڙو شعور اچي به وڃي ٿو ۽ هو پ پ کي ووٽ نه به ڪن ٿا ته نيٺ اهي ووٽ ڪنهن کي ڪندا؟ انهن وٽ جڏهن متبادل نه هوندو ته هو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندا، باقي جيڪو 50 سيڪڙو بچي ٿو ان مان ته 20 سيڪڙو ووٽ پ پ  مخالفن ۾ ورهائجي ويندو ۽ باقي 30 سيڪڙو ووٽ ته پ پ کي ئي ملندو پوءِ ته هو ان 30 سيڪڙو جي ڪوٽا تي به کٽي سگهن ٿا.

هن وقت جيڪا سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال سامهون آئي آهي ان ۾ ته سموري قومپرست قيادت بيان بازي جي حد تائين نظر اچي رهي آهي جيترو ڪم ڪرڻ کپندو هو نه ڪري سگهيا آهن، پر هو پ پ جي متبادل طور تي ڪٿي به نظر نه پيا اچن، متبادل ٿيڻ لاءِ  سڄي سنڌ توهانجو تڪ هجڻ گهرجي نه ڪي ٻن ٽن سيٽن کڻڻ سان متبادل ٿبو. جيڪڏهن هن ٻوڏ واري قدرتي يا هٿرادو آفت مان فائدو وٺي سڄي  قومپرست قيادت اڳيان اڳيان اچي ته متبادل به تيار ٿي سگهي ٿو،  ضروري ناهي ته اوهان وٽ ڪي فنڊ هجن ڪي سرڪاري سورس هجن، ائين ته ظفر عباس، سيلاني، ايڌي ۽ ٻين ڪيترن ئي فلاحي ادارن تي ماڻهو ڀروسوڪري انهن کي ڪروڙن جا فنڊ ڏئي رهيا آهن، نه رڳو ايترو پر هتي ته دهشتگرد تنظيم طور پنهنجي سڃاڻپ ٺاهيندڙ جماعت ايم ڪيو ايم به فلاحي تنظيم ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪي ڪي ايف جي نالي سان ٺاهيل تنظيم مان جيتوڻيڪ هو ٻيا ڪيترائي اڻ وڻندڙ ڪم ڪار پڻ وٺندا رهيا پر ان باوجود به هو ڪراچيءَ ۾ ان تنظيم کي ايترو فعال ڪري ويا جو سڄي  ملڪي تاريخ ۾ اهڙو ادارو ڪنهن به قومپرست جماعت نه ٺاهيو، هن وقت ظفر عباس کي چون ٿا ته اوهان اسان کي سامان موڪليو اسان پنهنجي هٿن سان متاثرن تائين پهچايون، ڪٿي ڪٿي ته ائين به ٿيو آهي جو انهن پنهنجا نالا لکي ڇڏيا آهن پيڪيٽن تي ته جئين ائين لڳي اسان جي محنت آهي.

هي جيڪي ڪجهه لکجي ٿو ان مان مراد اها ناهي ته اها تنقيد براءِ تنقيد  آهي اها هڪ حقيقت آهي ته  سڄي  سنڌ ۾ اوهان جي فلاحي تنظيم ناهي. گڏيل طور تي ڪا هڪ  تنظيم ئي هجي ها، ان سان ئي ماڻهن ۾ اوهان جون همدرديون ٺهنديون، ان سان ئي اوهان جو ماڻهن سان واسطو رهندو، ان سان ئي اوهان ماڻهن ۾ ايندئو ان سان ئي ڀروسي جي هڪ اميد جاڳندي ان سان ئي هڪ متبادل تيار ٿيندو ان سان ئي گهڻو ڪجهه ٿيندو پر اهو عمل نيٺ ڪڏهن ٿيندو؟

ٻوڏ جي موجوده صورتحال ۾ قومپرست قيادت جي چر پر کي ڏسئون ته اهي پنهنجن ئي علائقن تائين محدود آهن توڙي جو انهن جي ڀيٽ ۾ ڪالهه جو ڇوڪرو جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو به سنجيده ڪم ڏيکاري رهيو آهي، سڄي سنڌ گهمي رهيو آهي، توڙي جو هن جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي پوءِ به ان جي ڪا هڪ حد مقرر ناهي ته ان جو ئي ڦيرو ڏيندو وتي ۽ اهو سنڌ جي مختلف علائقن تائين وڃي پهتو آهي، جيڪڏهن قومپرست قيادت به پنهنجي مخصوص دائري مان ٻاهر نڪري اچي ها ته انهن جي ڪمزور سياست ۾ هن ٻوڏ واري صورتحال ۾ ساهه پئجي وڃي ها، ضروري ناهي ته اوهان وٽ لک هجن ڪروڙ هجن فنڊ هجن پر اوهان جو دلاسو ۽ آٿت به ته هڪ سهارو آهي، اهو سهارو بڻجي اوهان سڄي  سنڌ ۾ نڪري پئو ها ته اڄ اوهان جي ان چرپر کي ڏسي پ پ جنهن جي متبادل جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو اها به دٻاءُ ۽ پريشر ۾ اچي وڃي ها ته ڪٿي هي ٻوڏ اسان کي به نه ٻوڙي وجهي پوءِ اهي به پاڻ ئي ايترو سرگرم ٿي وڃن ها جو ان ۾ متاثر ماڻهن جو ڀلو ٿي پوي ها، پر ائين نه ٿي سگهيو.

قومپرست سياست جي سنجيدگي يا انهن ۾ سڌارن بابت اڃا ڪم جي ضرورت آهي ، پر ڇا جتي بعد ۾ آيل سياسي جماعتون به پاڻ کي هر پاسي کان مضبوط ڪري ويون آهن اتي قومپرست جماعتون ڇو پوئتي  پوئتي نظر اچي رهيون آهن ڇا انهن ڪڏهن پاڻ ان معاملن تي سوچيو به آهي؟ جيڪڏهن ناهي سوچيو ته هاڻي سوچيندا؟ وقت ته ويو ناهي پر وقت تي اک ته پٽجي ،جيڪڏهن ائين ئي اوهان جو ڪم رهيو ته پوءِ اوهان پ پ جي متبادل جي ڳالهه ڪهڙي بنياد تي ڪري رهيا آهيو؟ جڏهن اليڪشن ۾ اوهان جو پاڻ ۾ ئي مقابلو هجي ته پوءِ پ پ کي ڪهڙو خطرو؟ هن ٻوڏ ۾ به ڪجهه ائين ئي ٿي رهيو آهي،قيادت پري پري کان رڳو حڪومت جي نااهلي بابت بيان بازي ڪري رهي آهي پر ان حڪومت جو متبادل ٺهڻ جو نه پئي سوچي ڪو به اهڙو قدم نه پئي کڻي جنهن سان ڪو متبادل جو آسرو پيدا ٿئي، ڪا اميد  پيدا ٿئي، جيڪڏهن ان غلطين مان به قومپرست قيادت نه پرايو ته پوءِ ڪڏهن به انهن جي سنجيده ٿيڻ جو نه سوچجو ۽ ڪڏهن به پ پ مان جند ڇٽڻ جو نه سوچجي جيئن سياڻن چيو آهي ٿورو چيو گهڻو سمجهندا، ائين ئي هي ٿورو لکيو آهي اميد ته قومپرست قيادت گهڻو سمجهندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.