چانڊڪا ۾ناري فوت، وارث مڇرجي پيا،ڊاڪٽر جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو، لاش رکي ڌرڻو

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي ۾ پي پي پي شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ جي ڀائيٽي نانگ جي ڪکڻ سبب فوت ٿي وئي، وارثن ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام مڙهيندي ڊاڪٽرن ۽ عملي سان منهن ماري ڪري ڊاڪٽر کي تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه، ڊاڪٽرن ۽ عملي ڀڄي جان بچائي ورتي، ڇڪتاڻ سبب مريضن توڙي سندس وارثن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، پي پي پي شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻن جو وارثن ۽ پارٽي ڪارڪنن سان لاش رکي ڌرڻو، مڇريل ماڻهن ايم ايس آفيس جي مک گيٽ ڀڃين آفيس جي ڀڃ ڊاهه ڪئي، ڊاڪٽر ۽ عملو خوف وچان جان بچائي لڪي ويا، وارثن ايم ايس ۽ ڊاڪٽر مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ جي گهر ڪري ڇڏي، ڊاڪٽرن ۽ عملي طرفان ڊيوٽين جو بائيڪاٽ، ايس ايس پي حادثن واري شعبي کي کولرائي ڇڏيو، مبينا طور علاج نه ملڻ تي نانگ جو ڪکيل نوجوان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ مور خان عمراڻي ۾ پي پي پي شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي جي 18 سالن جي ڀائيٽي پريسه ڌيءَ محمد علي عمراڻي کي نانگ ڪکي وڌو هو جنهن کي وارثن کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي علاج دوران ناري پريسه فوت ٿي وئي جنهن تي وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان غفلت جو الزام مڙهيندي تاءُ ۾ اچي احتجاج ڪندي ڊاڪٽرن ۽ عملي سان منهن ماري ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ڇڪتاڻ سبب مريضن توڙي سندن وارثن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ مڇريل ماڻهن ايم ايل او ڊاڪٽر جنيد سانڊاڻو کي مبينا تشدد جو نشانو بڻائي رتورت ڪري ڇڏيو جنهن کي عملي ڇڏائي سول لائين ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو پوليس پهچي ٻن ڄڻن کي گرفتار لاڪپ ڪري ڇڏيو. اهڙي واقعي خلاف پي پي پي شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي پنهنجي وارثن ۽ پارٽي جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن سان گڏجي ڀائيٽي جو لاش کڻائي وي آءِ پي روڊ تي رکي واقعي خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ڌرڻي کان پوءِ مڇريل ماڻهن چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ جي آفيس جي مُک گيٽ کي ٽوڙي اندر داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽرن ۽ عملي کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران اتي موجود ڊاڪٽر ۽ عملو خوف وچان لڪي پنهنجي جان بچائي بعد ۾ مڇريل ماڻهن ريلي جي صورت ۾ ايس ايس پي چوڪ وٽ ڪئمپ قائم ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر گلزار تونيو، ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پي پي پي شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجي ڀائيٽي پريسه کي ڳوٺ ۾ نانگ ڪکي وڌو جنهن کي اسان رات پوڻين چئين وڳي شعبه حادثات کڻي آياسين جتي ڊاڪٽرن صحيح علاج نه ڪيو ۽ ڪلاڪ بعد سندس جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي ان تي اسان مريضه کي علاج فراهم ڪرڻ جو چيو ان تي ڊاڪٽرن اسان جي ماڻهن کي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو انڪار تي هن پوليس گهرائي اسان جي هڪ همراهه کي گرفتار ڪرائي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو ۽ اڄ صبح ڊاڪٽرن ۽ عملي جي غفلت سبب پوڻين نائين وڳي منهنجي ڀائيٽي پريسه اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر گلزار تونيو، ڊاڪٽر جنيد سانڊاڻو سميت عملي مٿان قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.  ٻي صورت پوري ضلعي ۾ احتجاج جو دائرو وڌائي ڌرڻا هنيا ويندا. هوڏانهن اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي ڌرڻي واري هنڌ پهچي پي پي پي شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي کان واقعي بابت معلومات وٺي واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نه صرف لاڙڪاڻي ۾ پر پوري سنڌ جون سرڪاري اسپتالون ڪوس گهر بڻيل آهن جتي ساڳي ئي صورتحال آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن کي اربين روپين جي بجيٽ ملندي آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ هتي دوائن سميت ڪي به طبي سهولتون ميسر ناهن جتان روزانو جي بنياد تي 3 کان 4 لاش نڪرن پيا. هن چيو ته هن وقت سنڌ لاوارث بڻيل ۽ هتي لاقانونيت آهي، لاڙڪاڻي ۾ هي پهريون واقعو ناهي ان کان اڳ به اهڙي قسم جا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۾ اهڙن واقعن تي ماڻهن کي ڳالهائڻ به نه ٿو ڏنو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪير ڳالهائي ٿو ته ان کي گرفتار ڪرايو ويندو آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ پيش آيل واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي ته واقعي نياڻي کي ويڪسين ڏني وئي يا اسپتال ۾ ويڪسين موجود ئي نه هئي جنهن ڪري نياڻي فوت ٿي آهي. ان معاملي جو لاڳاپيل اختياريون نوٽيس وٺي جاچ ڪن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جا واقعا پيش نه اچن. ٻئي پاسي ڌرڻي واري هنڌ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي اڳواڻ اشرف ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ سلميٰ ڀٽو سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻن پهچي عنايت علي عمراڻي سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.