چونڊيل نمائندن تذليل سواءِ متاثرن کي ڪجهه ناهي ڏنو: لال جروار

حيدرآباد (پ ر) سنڌ حڪومت فقط ميڊيا جي بيانن ۾ ظاهر ٿيندي آهي. باقي ٻوڏ متاثرن جي سنڌ حڪومت طرفان ڪا به واهر ناهي ڪئي  وئي. ٻوڏ متاثرن کي اسڪولن مان سندن علائقن تائين ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏيڻ وارو بيان سراسر ڪوڙ تي مبني آهي. ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزسٽ ڊپارٽمينٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جن علائقن مان پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي، تن علائقن جي ٻوڏ متاثرن کي اسڪولن مان سندن علائقن ڏانهن موڪلڻ لاءِ ضلعن جي انتظاميا ٽرانسپورٽ مهيا ڪري ٿي پر حقيقت ۾ ضلعن جي انتظاميا ۽ نام نهاد چونڊيل نمائندن ٻوڏ متاثرن جي تذليل ڪرڻ کانسواءِ ڪجھ به ناهي ڪيو. اسڪولن مان ٻوڏ متاثرن کي ڊيڄاري ڌمڪائي ۽ تشدد ڪري زور زبردستي سان اٿاريو پيو وڃي.  اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ماهنور ملاح ۽ عمراه سمون پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي جا اڳواڻ روزانو مختلف ڪيمپون وزٽ ڪندا آهن. اسين ڄاڻون ٿا ته اسڪولن ۾ ويٺل ٻوڏ متاثر پاڻ به اسڪولن ۾ ويهڻ نٿا چاهين پر سندن معصوم ٻچڙا بنا هنڌ بسترن جي رات جي ٿڌ ۽ ڏينهن جي تپندڙ اس ۾ جيئرا رهي نٿا سگهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.