سنڌ حڪومت ۽ پاسما ۾ ڪمند اگهه تي تڪرار سبب ڪريشنگ ۾رولڙو، آبادگار رُلي ويا

بدين  (رپورٽ:رازق ڏنو کوسو) سنڌ حڪومت ۽ پاسما ۾شگرملون ھلائڻ ۽ ڪمند اگهھ مقرر ڪرڻ لاءِ ڪو به اجلاس نه ٿيو،  ڪمند پيڙھائي واري سيزن جي شروعات ۾  باقي ھڪ ھفتو بچيو، آرمي شگر مل بدين، انصاري شگر مل،  کوسڪي شگر مل ۽ تلھار شگر مل سميت بدين جي ڪنھن به شگر مل ڪا به تياري نه ڪئي آھي. پھرين آڪٽوبر کان ڪمند پيڙھائي جي سيزن شروع ٿيڻي آھي پر شگر مل مالڪن جي غلط پاليسن سبب ڪمند جي پيڙھائي وقت سر نه ٿيڻ سبب چيٽ جي پوکي به سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.هڪ طرف برسداتن سبب ڪمند جو فصل مڪمل پاڻي ھيٺ اچڻ سبب تيزي سان سڙڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آھي ته ٻئي طرف شگر ملن پاران پھرين آڪٽوبر کان پيڙھائي نه ڪرڻ سبب آبادگارن کي ويتر وڌيڪ نقصان ٿيڻ جي انديشي پريشان ڪري ڇڏيو آھي. ھن وقت ڪمند جو فصل مڪمل تيار ٿي چڪو آھي، آبادگار به ان کي ڪڍي زمين ۾ چيٽ جو فصل پوکڻ چاھين ٿا پر سنڌ حڪومت ۽ مل مالڪن ۾ ڪمند جي اگهھ واري معاملي تي اختلاف ھجڻ ڪري ان جو سڌو نقصان ننڍن آبادگارن کي ٿي رھيو آھي. بدين ضلعي ۾ ھن وقت  سڀ کان وڌيڪ نقصان تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ٿيو آھي، جتي ڪمند گھٽ تعداد ۾ پوکيو وڃي ٿو. تعلقو بدين ۽ ماتلي جتي ڪمند جي پوکي وڏي تعداد ۾ ٿيل آھي، اھو ڪمند ھن وقت نقصان کان بچيل آھي، جيڪڏهن پهرين آڪٽوبر تي شگر ملون چالو ٿيون ته ان جو فائدو آبادگارن کي وڌيڪ ٿيندو، ان ڪري جو ڪمند ڪڍي آبادگار ڪڻڪ جو فصل پوکي سگھندا پر مل مالڪن سنڌ حڪومت کي غلط انگ اکر ٻڌائي ملون ھلائڻ کان لاچاري ڏيکاري ڇڏي آھي شگرملن جي مالڪن پنھنجي عملي کي ھدايتون جاري ڪيون آھن ته فوري طور اھڙي رپورٽ  ٺاھي روڊ رستا نه ھجڻ جو سبب ڄاڻائي ڪمند ۾ رڪوري گھٽ ٻڌائي شگرملن کي ھڪ مھينو دير مطلب نومبر ۾ ھلائڻ جي رپورٽ ڏني وڃي.

  • ڪمند کان ڪاٺين جو اگهھ به مٿي پھچي ويو

بدين: ڪاٺين جو اگهھ ڪمند کان به مٿي پھچي ويو، ديوي جي ڪاٺي 400 رپيا في مڻ حساب سان وڪرو ٿي رھي آھي پر ڪمند جو اگهھ  اڃا تائين مقرر نه ٿيڻ ڪري آبادگار پريشان ٿي ويا آهن گذريل سال شگرمل مالڪن نفعي خورن کان  350 رپيا ۽ آبادگارن کان 250 رپين جي حساب سان ڪمند جي خريداري  ڪئي، ھن وقت به ايجنٽن کي وڌيڪ اگهھ ڏئي آبادگارن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي.

  • سنڌ حڪومت ۽ اومني گروپ لاڙ  جي آبادگارن کي ڪنگال ڪري ڇڏيو

بدين:سنڌ حڪومت ۽ اومني گروپ لاڙ جي آبادگارن کي ڪنگال ڪري ڇڏيو. ڪين ڪمشنر رڳو سيٽ ڀرتي ڪيل آھي، اگهھ مقرر  ڪرڻ ۽ ملون ھلائڻ جا فيصلا بند ڪمرن ۾ حڪمران جماعت اومني گروپ جيڪا به ان جي شاخ آھي ان کي ڪرڻا آھن، ديوان شگرمل گذريل ٻن سالن کان وٺي حڪمران جماعت سان ڳجهھ ڳوھ ۾ٺاھ ڪري ڪمند جي اگهه کي ڪرائي رکيو آھي. ڪجھه سال اڳ ديوان شگرمل سجاول جيئن ڪريشنگ ڪندي ھئي ته آبادگارن کي فائدو رسندو ھو پر ھن وقت اھا پاسما سنڌ حڪومت جي سازش ۾ گڏجي وڃڻ سبب آبادگارن کي ڪوبه لاڀ نه ڏئي نه سگھي آھي.

  • ڪمند جي في ايڪڙ تي  هڪ لک 13 هزار رپيا خرچ

بدين:ڪمند جي في ايڪڙ تي آبادگارن کي  هڪ لک 13 هزار رپيا خرچ اچڻ لڳو، هڪ لک 13 هزار رپيا خرچ ڪرڻ باوجود کين نقصان پوڻ  لڳو.ڪمند جي تياري لاءِ زمين ۾ ٽريڪٽر جي ڪمائي في ايڪڙ 20 ھزار رپيا، ڪمند جو ٻج 40 ھزار رپيا،  ڊي اي پي ڀاڻ ھڪ عدد 13 ھزار رپيا،  ان بعد يوريا ڀاڻ چار قسطون ۽ ڪمند جي صفائي زرعي دوائون 40 ھزار رپيا،ٽوٽل في ايڪڙ تي آبادگار جو خرچ ھڪ لک 13 ھزار رپيا ٿئي ٿو، في ايڪڙ تي خرچ اچڻ بعد آبادگار کي ڪمند جي فصل تي 30  کان 35  ھزار بچت ملي ٿي، ساڳي طرح بنا ڪنھن خرچ جي ديوي پوکڻ سان جنھن ۾ نه خرچ نه وري مزدوري آهي، آبادگار کي ھڪ لک رپيا ڪاٺ جو فصل بچت ڏئي ٿو پر سنڌ حڪومت جي بي ڌياني ۽ غلط پاليسين سبب زراعت کي ھٿي ڏيڻ بجاءِ ھٿ وٺي ختم ڪيو پيو وڃي. آبادگار اڳواڻن اختر کوسو، حاجي ولي عمراڻي، عبدالغفار لاشاري، لالو کوسو ۽ ٻين چيو ته 12 مھينن بعد صرف 35  ھزار ڪمند مان بچن ٿا.هنن چيو ته  ديوين جي جهنگ تي نه پاڻي نه ڀاڻ نه زرعي دوائون پر بغير ڪنھن محنت جي ھڪ لک رپيا بچت ملي ٿي، ھن وقت تازي ديوي 400  سئو رپيا في مڻ ۽ سڪل ديوي جي ڪاٺي 550 رپيا ۾ وڪرو ٿي رھي آھي، ان ڪري آبادگار ڪمند پوکڻ بجاءِ ننڍا ننڍا فصل پوکي ته ٻيڻ تي فائدو پھچندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.