ٽنڊوآدم ۾ پورهيت چنگچي رڪشا چوري ٿيڻ بعد فاقا ڪشي ۾ مبتلا 

ٽنڊوآدم (ن ع آ ) ٽنڊو آدم سٽي ٿاڻي جي حد ريلوي اسٽيشن واري گھٽي ۾ رھندڙ 6 ٻارن جو پيء پورهيت منور عرف منو انصاري جي نامعلوم چور چنگچي رڪشا چوري ڪري فرار ٿي ويا ۔ پورهيت روئندي ٻڌايو ته منهنجي ٻچڙن جي گذر سفر جو واحد  ذريعو صرف چنگچي رڪشا هو جيڪو چور ڪاهي فرار ٿي ويا هاڻي روزگار نه هجڻ سبب  گهر ۾ فاقه ڪشي جي نوبت اچي وئي آھي هن وس وارن کان رڪشو واپس ڪرائي ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.