جهڏي ۾سفارش کان سواءِ امداد ملڻ مشڪل، متاثر نظّرانداز،من پسندن تي نوازشون

جھڏو (رپورٽ:اسحاق ساگر ڀٽي) جهڏي ٻوڏ دوران لاتعداد ماڻهو پنهنجا اجها ٻڏڻ سبب روڊن رستن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن، مختيارڪار آفيس ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ آيل راشن، مڇردانيون، ٽينٽ،کٽون ۽ ٻيو سامان سرڪاري ڌر جي ڪامريڊن جي چٺين تي ۽ من پسند ماڻهن کي ملڻ ڪري حقيقي ٻوڏ متاثرين امداد کان محروم رهجي ويا آهن، سياسي اختلاف ۽ پارٽي بازي جو شڪار ٿيل لاتعداد ماڻهن کي اڃا تائين ڪابه امداد نه ملي سگهي آهي، راشن لاءِ آيل مسڪين عورتون سڄو ڏينهن مختيارڪار آفيس جا چڪر ڪاٽي مايوس ٿي خالي هٿين واپس وڃن ٿيون، جڏهن مختيارڪار آفيس کي تالو لڳائي تپيدارن جي پرائيويٽ جاين تي آفيس جو ڪاروهنوار هلائڻ ۾ مصروف آهي. روزانو راشن سان ڀريل لاتعداد ٽرڪون مختيارڪار آفيس جي گدام ۾ لهن ٿيون پر حقيقي ٻوڏ متاثرين جا ٻچا ويلا ڪاٽي رهيا آهن. امداد لاءِنبي سر موڙ تي ڌرڻو هڻي ويٺل سڪينا بروهي، لالي ٻائي، راڻي ٻين عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻچا بک مرن پيا، پر امداد نٿي ملي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.