راڄوخاناڻي ۾ ھندوپنچائت اڳواڻ ڪمليش ڪمار فوت، سوڳ ۾ شهر بند

راڄوخاناڻي (ن ع آ) راڄوخاناڻي شھر جو نوجوان واپاري ۽ سماجي شخصيت ھندوپنچائت جو جاکوڙي اڳواڻ ڪمليش ڪمار عرف  بلو ڪراچي جي ھڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ياد رهي ته ڪمليش ڪمار عرف بلو تي ھڪ ھفتو اڳ فالج جو حملو ٿيو ھو، جنھن جو علاج ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ ھلندڙ ھو. سندس لاڏاڻي جي خبر تي راڄوخاناڻي شھر بند ٺي ويو.نوجوان  کي راڄوخاناڻي ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو، سندس آخري رسمن ۾ فياض ٽالپر، عرفان ٽالپر، شاھجھان، حسين بخش ٽالپر، ڊاڪٽر ونود ڪمار اداسي، بيشم ڪمار، سيٽ ليلارام، امان الله، .ديوان اجي ڪمار ۽ باغي امداد سميت وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.