مزاحمتي شاعر مهرڊٻائي ڪنڊياروپهتو، برسات متاثرن سان ملاقاتون

ڪنڊيارو (ن ع آ) سنڌ عوامي سٿ جي سرواڻ ۽ قومي مزاحمتي شاعر مهر ڊٻائي پنهنجي ساٿي اڳواڻن احسن جمالي،رياض کيمٽيو ۽ خادم حسين چانڊيو سان گڏ  ڪنڊيارو پهچي برسات متاثر ماڳن  جو دورو ڪيو،شاعر مهر ڊٻائي يونين ڪائونسل گهانگهرا جي چودڳي وٽان مڪمل تباه ٿيل ڳوٺن آندل گهانگهرو ، سيد شجاع ، بازيد پور، ليٽڻ مڱريو ۽ صاحبڏنو گهانگهرو ۾ هٿرادو ڊرم جي ٺهيل ٻيڙي تي چڙھي تباهي ڏسي افسوس جو اظھار ڪيو،تنهن بعد مهر ڊٻائي واپسي تي سماجي اڳواڻن محمد ڇتل گهانگهرو ۽ ياسر عرفات گهانگهرو جي آجياڻي تقريب ۾ شريڪ ٿيو،تقريب ۾ سماجي اڳواڻن پاران مهر ڊٻائي ۽ سندس ساٿين کي سنڌي اجرڪ  پارائي آجياڻو ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.